ڄامشورو: لمس آفيسرس ايسوسيئيشن جون چونڊون، فرينڊس پينل ڪاميابي ماڻي ورتي

news

ڄامشورو: (جمعو 11  جون 2021ع) لمس ڄامشورو ۾ آفيسرس ايسوسيئيشن جون چونڊون ٿي گذريون جنهن ۾ فرينڊس پينل 3 ووٽن تان ڪاميابي ماڻي ورتي.

رپورٽ موجب لياقت ميڊيڪل يونيورسٽي(لمس) ڄامشورو ۾ آفيسرس ويلفيئر ايسوسيئيشن جون چونڊون ٿي گذريون. اليڪشن ڪاميٽي جي ڪنوينر ڊاڪٽر شهزاد احمد مغل جي نگراني ۾ ٿيل چونڊن ۾ فرينڊس پينل ۽ آفيسرس يونائيٽيڊ پينل جي اميدوار آفيسرن وچ ۾ مقابلو ٿيو. جنهن ۾ فرينڊس پينل 89 ووٽ کڻي ڪاميابي ماڻي ورتي. سندس مقابلي ۾ يونائيٽيڊ پينل سخت مقابلي کان پوءِ 86 ووٽ حاصل ڪيا.

اليڪشن ڪميشن طرفان جاري ڪيل نتيجن موجب لمس جي 177 آفيسرن ووٽ جو حق ادا ڪيو، جن مان 2 ووٽ خارج ڪيا ويا. جنهن جي تحت 175 ووٽن مان يونائيٽيڊ پينل 86 ووٽ حاصل ڪيا. جڏهن ته فرينڊس پينل 89 ووٽ کڻي سندس مخالف پينل کان 3 ووٽ وڌيڪ حاصل ڪري ڪاميابي ماڻي ورتي.

فرينڊس پينل جي ڪامياب اميدوارن ۾ سرپرست اعليٰ فتح محمد عباسي، سرپرست عزيز الله ڪيهر، چيئرمين محمد صالح ميرجت، صدر ڊاڪٽر آصف گلزار شيخ، سينئر نائب صدر ڊاڪٽر پير شاهد جان سرهندي، نائب صدر مصري خان سولنگي، وائيس چيئرمين آصف علي عباسي، جنرل سيڪريٽري محمد ايوب لاشاري، ڊپٽي جنرل سيڪريٽري محمد ايوب لاشاري، ڊپٽي جنرل سيڪريٽري در محمد ميرجت،  ڪوآرڊينيشن سيڪريٽري منصور احمد پليجو، فنانس سيڪريٽري علي رضا رائو، انفارميشن سيڪريٽري الهه ڏنو ملاح، جوائنٽ سيڪريٽري عمران الاهي سهتو، آفيس سيڪريٽري عابد علي شيخ، ايگزيڪيوٽو ڪائونسل جي ميمبرن ۾ محمد علي ٻوهيو، علي محمد ميمڻ، عبدالرحيم شيخ، شڪيل لغاري، وڪيو خان ماڇي، ڊاڪٽر  اعظم اقبال ميمڻ ۽ پينل جا ٻيا ميمبر شامل آهن.