دبئي مان پاڪستان پهتل چوويهه مسافرن ۾ ڪورونا جي تصديق

news

پشاور: دبئي مان پاڪستان ايندڙ 128 مسافرن مان 24 مسافرن ۾ ڪورونا جي تصديق ٿي آهي. ذريعن موجب  خميس ڏينهن ابوظهبي مان پاڪستان ايندڙ مسافرن جي باچا خان ايئرپورٽ تي اسڪريننگ ڪئي وئي جنهن بعد مسافرن ۾ ڪورونا وائرس  هئڻ جي تصديق ٿي آهي.

ياد رهي ته حڪومت پاڪستان گذريل مهيني سڀني هوائي اڏامن کي واضع طور ٻڌايو هو ته دبئي مان ايندڙ مسافرن جو منظورشده ليبارٽرين مان ڪرايل ڪرونا ٽيسٽ قابل قبول هوندي.

اين سي او سي پنهنجي اعلان ۾ چيو هو ته دبئي مان ايندڙ مسافرن کي منظورشده ليبارٽرين جي ٽيسٽ هئڻ جي صورت ۾ ئي پاڪستان ۾ داخل ٿيڻ جي اجازت ڏني ويندي. جڏهن ته اهو به فيصلو ڪيو ويو هو ته غير منظور شده ليباريٽرين مان ڪرايل ٽيسٽ کڻي ايندڙ مسافرن جو ڏنڊ هوائي اڏام کان ورتو ويندو.

اين سي او سي پاران اهو فيصلو به ڪيو ويو ته ڪوڙي رپورٽ کڻي ايندڙ مسافرن کي پاڪستان اچڻ نه ڏنو ويندو.

جڏهن ته دبئي حڪومت جو چوڻ آهي ته پاڪستان ايندڙ مسافرن جي لاءِ هر شهر ۾ 70 کان وڌيڪ منظورشده ليبارٽيون قائم ڪيون ويون آهن.