بدين: اغوا ٿي ويل عورت جي بازيابي ڪولهي برادري جي مردن ۽ عورتن جو ٽنڊو غلام حيدر پوليس خلاف احتجاج

news

بدين (رپورٽ: تنوير احمد) اٽڪل ٻه مهينا پهرين ٽنڊو غلام حيدر حد مان اغوا ٿي ويل 3 ٻارن جي ماءُ انيتا ڪولهي کي بازياب نه ڪرائڻ خلاف ڪولهي برادري جي مردن ۽ عورتن والجي ڪولهي ناگجي ڪولهي جي اڳواڻي ۾ پريس ڪلب بدين اڳيان ٽنڊو غلام حيدر پوليس خلاف مظاهرو ڪيو.

جنهن دوران هنن دانهيندي چيو ته اسان نياڻي کي جوابدار ويرچند رميش ۽ رجو ڪولهي وارا اغوا ڪري ويا آهن، جنهن جي اغوا جو ڪيس داخل هئڻ جي باوجود ٽنڊو غلام حيدر پوليس اسان جي نياڻي جي بازياب نه ڪرايو آهي، جنهن سبب اسان کي خدشو آهي ته اسان جي نياڻي جي شادر مٿان شادي ڪرائي ويندي.

هنن آءِ جي سنڌ، ڊي آءِ جي حيدرآباد ۽ ايس ايس پي ٽنڊو محمد خان کان مطالبو ڪيو ته انيتا ڪولهي کي بازياب ڪرايو وڃي.