news
ڪراچي

سنڌ ۾ ڇهين کان اٺين تائين جا ڪلاس سڀاڻي کان شروع ڪرڻ جو اعلان

ڪراچي: (سومر 14  جون 2021ع) سنڌ حڪومت ڪورونا وبا جا ڪيس گهٽ ٿيڻ کان پوءِ سموري صوبي ۾ ڇهين کان اٺين تائين تدريسي عمل سڀاڻي کان شروع ڪرڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي.

سنڌ جي وڏي وزير مراد علي شاهه جي صدارت هيٺ ڪورونا وبا تي صوبائي ٽاسڪ فورس جو اجلاس ٿيو جنهن ۾ ڪورونا جي گڏيل صورتحال ۽ ويڪسينيشن جي عمل  بابت معاملن تي تفصيلي ڳالهيون ڪيون ويون.

اجلاس جي دوران ٻڌايو ويو ته هينئر تائين 30 لک 35 هزار 998 ڪورونا ويڪسين جا ڊوز ملي چڪا آهن جن مان 24 لک 66 هزار 458 ڊوز استعمال ٿي چڪا آهن. سنڌ جي وڏي وزير مراد علي شاهه چيو ته سنڌ ۾ ڪورونا 19 جي مريضن جي سڃاڻپ جي شرح 4.5 سيڪڙو تي اچي وئي آهي.

اسپتالن تي به هاڻ ڪجهه دٻاءُ گهٽ ٿيو آهي ڪراچي ۾ ساڍا 9 سيڪڙو جڏهن ته حيدرآباد ۾ ڪورونا جي شرح 5.65 سيڪڙو آهي. ڪراچي جي ضلعي شرقي ۾ سڃاڻپ جي شرح 12 سيڪڙو ۽ ضلعي جنوبي ۾ 9 سيڪڙو آهي. اجلاس ۾ ڇهين کان اٺين تائين جو تدريسي عمل سڀاڻي کان 50 سيڪڙو حاضري سان گڏ شروع ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي.

جڏهن ته ڪورونا جي صورتحال ۾ بهتري جي صورت ۾ پرائمري جون ڪلاسز 21 جون کان کوليون وينديون. سنڌ جي وڏي وزير هفتي ۾ 2 ڏينهن جي بندش بجاءِ اين سي او سي جي فيصلي موجب ڪاروبار بند ڪيو ويندو. هاڻ آچر جي ڏينهن ڪاروبار بند هوندو ۽ باقي ڏينهن ڪاروباري سرگرميون جاري رهنديون.