سنڌ اسيمبلي ۾ بجيٽ پيش ڪرڻ دوران اپوزيشن جو احتجاج، گوڙ، نعريبازي

news

ڪراچي: (اڱارو 15  جون 2021ع) سنڌ اسيمبلي ۾ بجيٽ پيش ڪرڻ دوران اپوزيشن جو سخت احتجاج، گوڙ، نعريبازي،

رپورٽ موجب سنڌ جي وڏي وزير مراد علي شاهه جي اسيمبلي ۾ بجيٽ تقرير دوران سخت احتجاج ڪيو ويو. اپوزيشن اڳواڻ ريلي جي صورت ۾ اسيمبلي گيٽ تي پهتا، اپوزيشن ميمبرن پاران سنڌ سرڪار خلاف احتجاج ڪيو ويو.  جڏهن ته وڏي وزير مراد علي شاهه جي تقرير دوران گوڙ ڪيو ويو، اپوزيشن ميمبرن جي گوڙ ۽ احتجاج بعد پيپلز پارٽي جا ميمبر وڏي وزير مراد علي شاهه جي چوڌاري بيهي رهيا.

وڏي وزير اپوزيشن جي گوڙ باوجود بجيٽ پيش ڪري رهيو آهي. ان حوالي سان اپوزيشن اڳواڻ حليم عادل شيخ جو چوڻ آهي ته هي بجيٽ صرف انگن اکرن جي ڦير آهي. هوڏانهن ڪنور نويد جميل پڻ حڪومت تي سخت تنقيد ڪئي ۽ چيو ته هي بجيٽ منظور نه آهي اسان هن بجيٽ کي قبول نٿا ڪريون.