پي ايس ايل: پشاور زلمي ڪراچي ڪنگز کي ڇهن وڪيٽن تان شڪست ڏئي ڇڏي

news

ابوظهبي: (اربع 16  جون 2021ع) پاڪستان سپر ليگ 6 جي 24هين ميچ ۾ پشاور زلمي ڪراچي ڪنگز کي ڇهن وڪيٽن تان شڪست ڏئي  ڇڏي آهي.

ڪراچي ڪنگز پشاور زلمي کي کٽڻ جي لاءِ 109 رنسن جو آسان حدف ڏنو هو. پشاور زلمي جي ڪپتان وهاب رياض ٽاس کٽي پهريان ڪراچي ڪنگز کي بيٽنگ جي دعوت ڏني. ڪراچي ڪنگز ميچ جي شروعات کان ئي پريشانين جو شڪار رهي ۽ صرف 12 جي اسڪور تي ان جا 3 رانديگر پويلين موٽي ويا. پشاور زلمي مقرر حدف آساني سان حاصل ڪري ورتو.

پشاور زلمي طرفان ابرار ۽ وهاب 3-3 وڪيٽون جڏهن ته ثمين گل ڪراچي ڪنگز جي ٻن رانديگرن کي آئوٽ ڪيو. پشاور زلمي جي حضرت الله زازئي پي ايس ايل 6 جي تيز ترين ففٽي اسڪور ڪئي. پشاور زلمي چار وڪيٽن نقصان تي 109 رنسن جو حدف آساني سان 11هين اوورز ۾ مڪمل ڪري ورتو.

زلمي جي اوپنر حضرت الله زازئي 26 بالن تي اٺ چوڪن ۽ چار ڇڪن جي مدد سان 63 رنسن جي شاندار اننگز کيڏي ۽ مين آف دي ميچ حاصل ڪيو. حيدر علي 16 جڏهن ته ڪامران اڪمل صرف 9 رنسون ٺاهي پويلين موٽي ويو.