موسميات کاتي هلندڙ هفتي دوران سموري سنڌ ۾ کنوڻ سان برساتن جي اڳڪٿي ڪري ڇڏي

news

ڪراچي: (اربع 16  جون 2021ع) موسميات کاتي 16 کان 19 جون جي دوران سنڌ ۾ طوفان ۽ کنوڻ سان برساتن جي اڳڪٿي ڪري ڇڏي آهي.

موسميات کاتي موجب عرب سمنڊ مان وچوليون هوائون 16 جون تي سنڌ ۾ داخل ٿينديون جن جي اثر  سبب صوبي جي سمورن ضلعن ۾ کنوڻ سان برسات ۽ تيز هوائون هلڻ جو امڪان آهي. ڪجهه هنڌن تي تيز برسات جو به امڪان آهي  جنهن کان پوءِ سنڌ جي مختلف شهرن ۾ گرمي جو زور گهٽجي ويندو.

موسميات کاتي جو چوڻ آهي ته طوفان سبب سنڌ جي مختلف علائقن ۾ بل بورڊز به ڪري سگهن ٿا. جڏهن ته بدين، ٺٽو، حيدرآباد، عمرڪوٽ، دادو، سکر ۽  لاڙڪاڻي ۾ ٻوڏ جو به امڪان آهي.

موسميات کاتي جو چوڻ آهي ته 18 ۽ 19 جون تي ڪراچي ۾ به برسات جو امڪان آهي. جڏهن ته ڪجهه ضلعن ۾ ٻوڏ جو به امڪان آهي.