پيشي سان محبت، ويب ڊيزائنر ڌيءَ جو نالو(ايڇ ٽي ايم ايل) رکي ڇڏيو

news

منيلا: (خميس 17  جون 2021ع) ڇا ڪو شخص پنهنجي نوڪري ۽ پيشي سان ايتري محبت ڪري سگهي ٿو ته پنهنجي ڌيءَ جو نالو ئي ان سان جوڙي ڇڏي.

اهڙو ئي ڪجهه فلپائن جي هڪ ويب ڊيزائنر ميڪروني پاسڪل ڪيو جنهن پنهنجي پيشي جي اعزاز ۽ محبت ۾ پٽ جي پيدائش تي ان جو نالو هائپر ٽيڪسٽ مارڪ اپ لينگويج(ايڇ ٽي ايم ايل) رکي ڇڏيو. ياد رهي ته ايڇ ٽي ايم ايل پروگرامنگ زبان هوندي آهي جنهن کي ويب تي موجود ڊاڪيومينٽس ۽ مواد ڊيزائن ڪرڻ لاءِ استعمال ڪيو ويندو آهي.

ٻارڙي جي والد ميڪ پاسڪل موجب هي پهريون موقعو نه آهي جڏهن ان جي گهر ڪنهن ٻار جو اهڙو انوکو نالو رکيو ويو آهي. هن ٻڌايو ته منهنجو نالو ميڪروني 85 ۽ ڀيڻ جو نالو اسپيگهيني 88 آهي. ٻارڙي جي تصوير ۽ نالو سوشل ميڊيا تي ڪافي تيزي سان وائرل ٿي رهيو آهي. جڏهن ته ميمرز به دل کولي ميمز ٺاهي رهيا آهن.