ايران ۾ تيرهين صدارتي چونڊن لاءِ ووٽنگ جو عمل جاري

news

تهران: (جمعو18  جون 2021ع) ايران ۾ 13هين صدارتي چونڊن جي لاءِ ووٽنگ جو سلسلو جاري آهي. سپريم ليڊر آيت الله خامنائي پنهنجو ووٽ وجهي ڇڏيو آهي اليڪشن کان اڳ آخري لمحن ۾ 3 اميدوار اليڪشن تان هٿ کڻي ويا ۽ 4 اميدوار آمهون سامهون آهن.

ابراهيم رائيسي، عبدالناصر، امير حسين قاضي ۽ محسن رضائي ۾ سخت مقابلو آهي. ابراهيم رئيسي مضبوط ترين اميدوار آهي ۽ ان جو مقابلو عبدالناصر همتي سان آهي. صدارتي چونڊن لاءِ 51 سيڪڙو ووٽ حاصل ڪرڻا پوندا جيڪڏهن ائين نه ٿيو ته چونڊن جي هڪ هفتي کان پوءِ سڀني کان وڌيڪ ووٽ حاصل ڪندڙ 2 اميدوارن جي وچ ۾ مقابلو ٿيندو. سپريم ليڊر آيت الله خامنائي پنهنجي پيغام ۾ چيو آهي ته اڄ ايراني قوم جو اهم ڏينهن آهي. هميشه عوام کي چونڊن ۾ شرڪت جي دعوت ڏيندو آيو آهيان.

ايران چونڊن جي نتيجي ۾ عالمي سطح تي ڀرپور طريقي سان فائدو کڻي سگهي. صدارتي چونڊن ۾ 5 ڪروڙ 90 لک ووٽر پنهنجو حق استعمال ڪندا.  ايران ۾ صدر جي چونڊ عوام جي ووٽن سان ٿيندي آهي. 18 سال يا ان کان وڏي عمر جا شهري پنهنجي ووٽ ڏيڻ جو حق استعمال ڪري سگهن ٿا.

واضح رهي ته ايران جي موجوده صدر حسن روحاني 2013 ۾ پهريون ڀيرو صدر چونڊجيو هو. جڏهن ته 2017 جي چونڊن ۾ هو ٻيهر صدارتي اليڪشن کٽي ويو هو. ايران جي آئين تحت هو لاڳيتو ٽيون ڀيرو صدارتي چونڊ نٿو وڙهي سگهي.