پاڪ ويڪ ڪورونا ويڪسين جي استعمال لاءِ گائيڊ لائنز جاري

news

اسلام آباد: (جمعو18  جون 2021ع) پاڪستان ۾ تيار ڪيل پاڪ ويڪ ڪورونا ويڪسين جي استعمال لاءِ گائيڊ لائنز جاري ڪئي وئي آهي.

ويڪسين 18 سالن کان وڌيڪ عمر جي ماڻهن کي لڳائي ويندي. ويڪسين کي 2 کان 8 سينٽي گريڊ تي ذخيرو ڪيو ويندو. صحت واري وزارت طرفان جاري ڪيل گائيڊ لائنز موجب پاڪ ويڪ ڪورونا ويڪسين کي ڪنهن به صورت ۾ فريز نه ڪيو وڃي ۽ سج جي روشني کان به محفوظ رکيو وڃي. دل جي بيمارين، شوگر ۽ ٿولهه جو شڪار ماڻهو پاڪ ويڪ لڳرائي سگهن ٿا.

ڳورهاريون عورتون، کير پياريندڙ مائرون ۽  بخار ۾ مبتلا ڪورونا جا مريض پاڪ ويڪ ويڪسين نٿا لڳرائي سگهن. ڪورونا مان صحتياب ماڻهو به پاڪ ويڪ ويڪسين لڳرائي سگهن ٿا. ٽرانسپلانٽ ڪرائيندڙ ماڻهو 3 مهينن کان پوءِ پاڪ ويڪ ويڪسين لڳرائي سگهن ٿا.

ڪيموٿراپي وارا مريض 28 ڏينهن کان پوءِ پاڪ ويڪ ويڪسين لڳرائي سگهن ٿا. مرگهي ۽ دماغي مرض جو شڪار ماڻهو پاڪ ويڪ ويڪسين لڳرائي سگهن ٿا. هر ماڻهو کي پاڪ ويڪ ويڪسين جي هڪ خوراڪ لڳائي ويندي.