ننڊ دوران اٿي ويهڻ ۽ ڳالهائڻ جي عادت آهي: نوال سعيد

news

لاهور: (جمعو18  جون 2021ع) پاڪستاني اداڪاره نوال سعيد چيو آهي ته مون کي ننڊ ۾ اٿي ويهن ۽ ڳالهائڻ جي عادت آهي. اداڪاره تازو ئي هڪ ٽي وي پروگرام ۾ شرڪت ڪئي جتي هن پنهنجي زندگي ۾ پيش ايندڙ دلچسپ واقعن بابت ڳالهيون ڪيون.

نوال سعيد چيو ته مان خاندان جي هڪ تقريب ۾ شرڪت لاءِ ويل هئس. ان تقريب جي لاءِ مون اکين ۾ ڪجل به لڳايو هو. ان وقت ننڊ ۾ ڳالهيون ڪرڻ ۽ ننڊ ۾ هلڻ جي به عادت هئي. ان رات منهنجي پاسي ۾ ڦڦي ستل هئي، سمهڻ دوران منهنجي اکين ۾ لڳل ڪجل پکڙجي ويو، ننڊ دوران مان اٿي ويهي رهيس ۽ ڳالهائڻ لڳس جنهن سبب منهنجي ڦڦي ڊڄي وئي هئي.

هن مون کي صبح چيو ته ڪجل اکين ۾ پکڙجڻ سبب مان ڪافي خوفناڪ لڳي رهي هئس. نوال سعيد چيو ته ان واقعي کان پوءِ ڦڦي اڄ تائين مون سان اڪيلي ناهي رهندي. هڪ  سوال جي جواب ۾ اداڪاره ٻڌايو ته هاڻ ننڊ ۾ اٿي هلڻ جي عادت ختم ٿي وئي آهي پر ننڊ ۾ اڃان ڳالهائيندي آهيان.