سنڌ ۾ سومر کان پرائمري اسڪول کولڻ جو فيصلو، درگاهون ۽ پارڪ اٺاويهه جون تي کوليا ويندا

news

ڪراچي: (ڇنڇر 19 جون 2021ع)  سنڌ حڪومت پرائمري اسڪول 21 جون سومر کان کولڻ جو فيصلو ڪري ورتو آهي. جڏهن ته  سموري صوبي جون مزارون ۽ اميوزمنٽ پارڪس 28 جون تي کولڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي.

رپورٽ موجب سنڌ جي وڏي وزير مراد علي شاهه جي صدارت هيٺ ڪورونا ٽاسڪ فورس جو اجلاس ٿيو جنهن ۾ صوبائي وزير عذره پيچوهو، سعيد غني، ناصر شاهه، مرتضيٰ وهاب ۽ ٻين شرڪت ڪئي. اجلاس دوران بريفنگ ۾ ٻڌايو ويو ته سنڌ ۾ ڪورونا وائرس جي سڃاڻپ جي شرح 3.9 ٿي وئي آهي. ڪراچي ۾ 8.08، حيدرآباد 4.3 سيڪڙو آهي. ڪراچي شرقي 14 سيڪڙو، ڏکڻ 10 سيڪڙو، سينٽرل 9 سيڪڙو، غربي 8 سيڪڙو، ملير، ڪورنگي ۽ سکر ۾ 7.7 سيڪڙو ڪيسز رپورٽ ٿيا آهن.

بريفنگ ۾ وڌيڪ ٻڌايو ويو آهي ته ايئرپورٽ تي ايندڙ 42532 مسافرن جا ٽيسٽ ڪيا ويا جن مان 95 مسافر هاڪاري آيا. ان موقعي تي وڏي وزير چيو ته سنڌ ۾ ڪورونا جي ڪيسز ۾ گهٽتائي ٿي رهي آهي ۽ گهٽتائي تڏهن ٿيندي آهي جڏهن عوام ايس او پيز تي عمل ڪندي رهي. اڃان ضلعي شرقي ۽ ضلع ڏکڻ ۾ ڪيسز تمام وڌيڪ آهن.

ٽاسڪ فورس صوبي ۾ ڪورونا جي صورتحال کي ڏسندي 21 جون کان سموري صوبي ۾ پرائمري اسڪول جڏهن ته 28 جون کان مزارون، اميوزمينٽ پارڪس ۽ انڊور جم کولڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي.