عامر سان منهنجو ڪوبه ذاتي مسئلو ناهي، هن پاڻ رٽائرمينٽ ورتي هئي: مصباح الحق

news

لاهور: (ڇنڇر 19 جون 2021ع) قومي ڪرڪيٽ ٽيم جي هيڊ ڪوچ مصباح الحق چيو آهي ته عامر جو ٽيم مان ڊراپ ٿيڻ جو سبب ان جي پرفارمنس آهي ان جي فيملي کي لنڊن ۾ مسئلا هئا، منهنجو ان سان ڪوبه ذاتي مسئلو نه آهي.

عامر رٽائرمينٽ پاڻ ورتي هئي، هو بهترين بالر آهي. قومي ڪرڪيٽ ٽيم جي هيڊ ڪوچ مصباح الح پريس ڪانفنس ڪندي چيو ته اسان وٽ وقت آهي ۽ اسان انگلينڊ ۽ ويسٽ انڊيز جي خلاف سيريز ۾ ٽيم جي مسئلن کي گهٽ ڪرڻ جي ڪوشش ڪنداسين.

هن چيو ته هن وقت ٽيم کي فيلڊنگ جي وڌيڪ پريڪٽس جي ضرورت آهي. هن چيو ته سيريز ۾ سڀني کي محنت ڪرڻي پوندي. اهڙي طرح فيلڊنگ ۾ بهتري اچڻ خوشي جوڳي ڳالهه آهي. جنهن سان قومي ڪرڪيٽ ٽيم جو معيار بهتر ٿيو آهي.

مصباح الحق چيو ته رانديگر سٺي ڪارڪردگي جي ڪوشش ڪري رهيا آهن. مڊل آرڊر جي مسئلن تي خدشا آهن پر ڪوشش ڪنداسين ته ان کي حل ڪريون. فيلڊنگ م ڪيچ ڊراپ ٿي رهيا آهن.هيڊ ڪوچ وڌيڪ چيو ته حارث 3 سيريز ۾ سٺي ڪارڪردگي ڏيکاري.

ڪورونا سبب رانديگرن کي مسئلن کي منهن ڏيڻو پئجي رهيو آهي. ورلڊڪپ ۾ وڃڻ کان اڳ ٽيم ۾ بهتري آڻينداسين. جڏهن ته ٽيم جي ڪارڪردگي ۾ وڌيڪ بهتري لاءِ  ڪوششون جاري آهن.