افغانستان مان آمريڪا جي واپسي کان پوءِ امن قائم ڪرڻ پاڪستان جي ذميواري نه آهي: پرڏيهي وزير

news

اسلام آباد: (ڇنڇر 19 جون 2021ع) پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي چيو آهي ته افغانستان مان آمريڪي فوج جي واپسي کان پوءِ خطي ۾ امن جي سموري ذميواري جو وزن پاڪستان جي ڪلهن تي نٿو وجهي سگهجي.

ترڪ ميڊيا کي انٽرويو ۾ پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي چيو ته افغانستان جي صورتحال پيچيده آهي ۽ هن وقت افغانستان اندر طاقت کي حاصل ڪرڻ لاءِ ويڙهه جاري آهي. شاهه محمود قريشي چيو ته افغانستان مان آمريڪي فوج جي واپسي کان پوءِ خطي ۾ امن جي سموري ذميواري جو وزن اڪيلي پاڪستان  مٿان نٿو وجهي سگهجي.

هن وڌيڪ چيو ته خطي ۾ امن جي لاءِ ٻين عالمي طاقتن جو ڪردار به شامل آهي. افغانستان ۽ خطي ۾ امن جي قيام لاءِ پاڪستان هڪ ڀائيوار آهي ۽ سمورن ڀائيوارن کي گڏيل تعاون سان ملي اها ذميواري نڀائڻي پوندي.