ميرپورماٿيلو: ڳوٺ پنجو ميربحر جي ڳوٺاڻن پاران بااثرن جي ظلم خلاف احتجاج

news

ميرپورماٿيلو (رپورٽ: هادي بخش جلباڻي) گهوٽڪي ويجهو ڳوٺ پنجو ميربحر جي ڳوٺاڻن پاڪ ڪتاب کڻي ۽ زخمي نوجوان کي ساڻ ڪري ايس ايس پي آفيس پهچي احتجاج ڪندي جوابدارن خلاف ڇتي نعريبازي ڪندي ميڊيا آڏو داهيندي بھادر ڪلھوڙو، علي نواز ڪلھوڙو، مسمات نسرين، مسمات ببلي ۽ ٻين چيو ته اسان جي گاڏھي برادري سان رشتيداري ٿيل آھي، ان سڱاوتي مسئلي تان گاڏھي برادري ۽ ميراڻي برادري جي جوابدارن وسيم گاڏھي، پنڃل گاڏھي، حسن ميراڻي، علي گل ميراڻي سميت 9 ھٿياربند ماڻھن اسان جي گھر مٿان حملو ڪري اسان جي عورتن، ٻارڙن مٿان سخت تشدد ڪندي ھٿيارن جا ڪنداق ۽ لٺيون ھڻي نثار ڪلھوڙو کي سخت زخمي ڪري عورتن کي اغوا ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي، جڏھن ته عورتن ٻارڙن جون رڙيون ٻڌي پاڙيسري پھتا ته جوابدار فرار ٿيڻ ۾ ڪامياب ٿي ويا.

ھنن چيو ته اسان غريب مسڪين ھاري ماڻھون آھيون، ڄاڻايل جوابدارن اسان جو جيئڻ جنجال ڪري ڇڏيو آھي، اسان مسڪين آهيون، اسان جي ڪير به مدد نه ٿو ڪري.

ھنن وڌيڪ چيو ته جوابدار بااثر آھن، جنھن سبب پوليس به اسان جي مدد نه ٿي ڪري. ھنن وس وارن کان تحفظ ۽ انصاف جي اپيل ڪئي آھي.