جيڪب آباد ۾ ڊاڪٽر پاران غلط انجيڪشن لڳائڻ سبب پنج ورھين جو نينگر فوت

news

جيڪب آباد (رپورٽ: عبدالنبي مگسي) جيڪب آباد جي اسٽيشن تي قائم نجي وڪرم ميڊيڪل سينٽر تي ڳوٺ مينگلا خان گبول جي رھواسي 5 ورھين جي نينگر اياز علي پٽ اعجاز علي گبول کي علاج لاءِ آندو ويو ته ڊاڪٽر وڪرم جي مبينا غلط انجيڪشن لڳائڻ سبب نينگر جي حالت خراب ٿي وئي ھو، اسپتال ۾ تڙپي تڙپي فوت ٿي ويو، نينگر جي اوچتو فوت ٿيڻ بعد گھر ڀاتين ۾ روڄ راڙو مچي ويو عورتون توڙي مرد اوڇنگارون ڪندا روئيندا رھيا. وارثن ميڊيڪل سينٽر ٻاهران لاش رکي مظاهرو ڪندي ڌرڻو هنيو ويو.

ان موقعي تي نينگر جي پيءُ اعجاز گبول صحافين سان ڳالهائيندي چيو ته پٽ کي ھلڪو بخار سبب اسپتال آندو ويو، ڊاڪٽر جي غلط انجيڪشن سبب پٽ تڙپي تڙپي فوت ٿي ويو.

ھن مطالبو ڪيو ته ڊاڪٽر تي ڪيس داخل ڪري انصاف فراهم ڪيو وڃي، جڏھن ته نجي سينٽر ٻاهران نينگر جي وارثن جي لڳل ڌرڻي جي اطلاع تي ڊي ايڇ او جيڪب آباد ڊاڪٽر عبدالغفار رند ۽ ايس ايڇ او سول لائن عجيب ککراڻي پھچي مظاهرين سان ڳالھيون ڪيون ۽ يقين ڌياني ڪرايو ويو ته اوھان سان انصاف ٿيندو، جنهن بعد وارث نينگر جو لاش کڻائي ڳوٺ روانا ٿي ويا.

ان سلسلي ۾ الزام هيٺ آيل ڊاڪٽر وڪرم ڪمار ٻڌايو ته غلط انجيڪشن لڳائڻ واري ڳالهه ۾ صداقت ناهي نينگر جي نمونيا سبب حالت خراب ٿي وئي هئي ھو، گھڻو ڪمزور ٿي ويو هو، جنهن کي انجيڪشن لڳايو ويو ته هو فوت ٿي ويو.