اتر وزيرستان ۾ سيڪيورٽي فورسز جو آپريشن، ٻه دهشتگرد مارجي ويا، هڪ جوان شهيد

news

راولپنڊي: (آچر 20 جون 2021ع)  اتر وزيرستان ۾ دهشتگردن جي خلاف آپريشن ۾ هڪ اهلڪار شهيد جڏهن ته 2 دهشتگرد مارجي ويا.

آءِ ايس پي آر موجب سيڪيورٽي فورسز اتر وزيرستان جي علائقي سپن وام ۾ ڳجهي اطلاع تي آپريشن ڪيو. فائرنگ جي ڏي وٺ دوران 2 دهشتگرد مارجي ويا جڏهن ته هڪ جوان به شهيد ٿي ويو.

دهشتگردن جي خلاف آپريشن دوران نائيڪ نزاڪت خان شهيد ٿيو. 32 ساله شهيد سپاهي جو تعلق اٽڪ سان آهي.

آپريشن ۾ مارجي ويل دهشتگردن جو تعلق پابندي مڙهيل تحريڪ طالبان پاڪستان(ٽي ٽي پي) سان هو ۽ مارجي ويل دهشتگرد سيڪيورٽي فورسز جي خلاف ڪاررواين ۾ ملوث هئا.