قادر مندوخيل فردوس عاشق جي خلاف ڪيس داخل ڪرڻ لاءِ درخواست داخل ڪري ڇڏي

news

اسلام آباد: (آچر 20 جون 2021ع)  پ پ جي قومي اسيمبلي ميمبر قادر خان مندوخيل پنجاب جي وڏي وزير جي صلاحڪار فردوس عاشق اعواڻ جي خلاف ڪيس داخل ڪرڻ لاءِ درخواست داخل ڪري ڇڏي آهي.

قادر مندوخيل  ضلعي ڪياماڙي جي ٿاڻي سعيدآباد ۾ فردوس عاشق اعواڻ جي خلاف درخواست جمع ڪرائي آهي. پ پ اڳواڻ طرفان داخل ڪرايل درخواست ۾ موقف اختيار ڪيو ويو آهي ته فردوس عاشق اعواڻ ٽي وي شو دوران مون کي ٿڦڙون هنيون، گاريون ۽ ڌمڪيون ڏنيون.

درخواست ۾ فردوس عاشق جي خلاف حراسمينٽ، قتل جون ڌمڪيون ۽ تشدد ڪرڻ جا قلم داخل ڪرڻ جي استدعا ڪئي وئي آهي.

ٻئي طرف پوليس اختيارين جو چوڻ آهي ته درخواست تي قانوني ماهرن کان مشورو ڪري قادر خان مندوخيل کي جواب ڏنو ويو هو. واقعو اسلام آباد ۾ ٿيو ان ڪري ڪيس به اتي ئي داخل ٿي سگهي ٿو.