ڪراچي ۾ پنھور برادري جي ٻن ڌرين ۾ گهريلو مسئلي تان جيهڙو، ٻين ڌر پاران گھر کي پيٽرول ھاري باهه، چار ڄڻا سڙي سخت زخمي

news

ڪراچي (رپورٽ: نبي بخش خاصخيلي) ڪراچي جي علائقي لاسي ڳوٺ ۾ پنھور برادري جي ٻن ڌرين وارث پنھور ۽ ٻي ڌر جي ولي داد پنھور وچ ۾ گھريلو معاملي تان جھيڙو ٿي پيو، جنھن دوران ولي داد پنھور جي ڌر وارث پنھور جي گھر مٿان پيٽرول ھاري گھر کي باهه ڏئي ڇڏي، جنھن سبب رضوان ولد غلام سرور، غلام رسول ولد فيض محمد، وارث ولد فيض محمد ۽ غلام محمد ولد غلام سرور سڙي زخمي ٿي پيا، جن کي حد جي پوليس پهچي زخمين کي علاج لاءِ سول اسپتال جي برنس وارڊ منتقل ڪيو.

ٻئي طرف رابطو ڪرڻ تي ايس ايڇ او سھراب ڳوٺ محبوب الاھي ٻڌايو ته ٻئين ڌريون پاڻ ۾ مائٽ آھن، مٽي مائٽي جو معاملو آھي، جنھن تي ولي داد پنھور وارن جي ڌر وارث پنھور جي گھر مٿان پيٽرول ھاري باهه ڏني آھي، گھر کي باهه لڳڻ ڪري هڪ عورت ارشاد بي بي سميت چار ڄڻا سخت زخمي ٿي پيا آھن، جن کي طبي علاج لاءِ اسپتال منتقل ڪيو ويو آھي.

جڏھن ته وارث پنھور جي فرياد تي ست جوابدارن شاھد اللھ، زاھد، ولي داد پنھور ۽ چار نامعلوم ماڻھن مٿان ايف آءِ آر نمبر 493_2021 تحت ڪيس داخل ڪيو ويو آھي، جلد جوابدارن کي گرفتار ڪري وڌيڪ جاچ پڙتال ڪئي ويندي.