موسميات کاتي اسلام آباد ۽ راولپنڊي ۾ برسات جا امڪان ظاهر ڪري ڇڏيا، سنڌ جو موسم گرم رهڻ جي اڳڪٿي

news

لاهور: (اڱارو22 جون 2021ع)  موسميات کاتي موجب اڄ اسلام آباد، راولپنڊي ۾ برسات جا امڪان ظاهر ڪري ڇڏيا آهن. ڪشمير ۽ گلگت بلتستان ۾ به برسات پوڻ جي اڳڪٿي ڪئي وئي آهي.

موسميات کاتي موجب سنڌ  جو موسم گرم رهندو. ۽ سنڌ جي مختلف علائقن ۾ سخت گرمي پوڻ جو امڪان آهي. موسميات کاتي موجب پنجاب جي مختلف ضلعن ۾ موسم گرم ۽ خشڪ رهندو اسلام آباد، راولپنڊي، سيالڪوٽ، نارووال ۽ گجرات ۾ ڪجهه هنڌن تي طوفان ۽ کنوڻ سان برسات جو امڪان آهي.

سنڌ ۾  موسم گرم  رهندو. دادو ۽ نوابشاهه ۾ گرمي پد 45 تائين وڃڻ جو امڪان آهي بلوچستان ۾ به موسم گرم رهڻ جي اڳڪٿي ڪئي وئي آهي. سومر جي ڏينهن وڌ ۾ وڌ گرمي پد سبي 44، دادو ۽ تربت ۾ 43 ڊگري سينٽي گريڊ رڪارڊ ڪيو ويو.

ٻئي طرف بابو سرٽاپ، بنوگاهه، ٽاپ، فيري ميڊو ۽ نانگا پربت تي برفباري جو سلسلو جاري آهي. مٿانهين علائقن ۾ برسات سبب ندي نالن ۾  پاڻي جو چاڙهه اچي ويو آهي. جڏهن ته چلاس جي ڀرپاسي وارن علائقن ۾ وقفي وقفي سان برسات جو سلسلو جاري آهي.