آمريڪا کي هوائي اڏا ڏنا ته پاڪستان ۾ ٻيهر دهشتگردي وڌي سگهي ٿي: وزيراعظم

news

واشنگٽن: (اڱارو22 جون 2021ع) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته جيڪڏهن آمريڪا کي افغانستان جي خلاف هوائي اڏا ڏنا ويا ته پاڪستان ۾ هڪ ڀيرو ٻيهر دهشتگردي وڌندي.

آمريڪي اخبار ۾ لکيل مضمون ۾ وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته افغانستان ۾ جنگ دوران پاڪستان وڏو نقصان کنيو. 70 هزار کان وڌيڪ پاڪستاني فوت ٿيا. آمريڪا پاڪستان کي 20 ارب ڊالر امداد ڏني جڏهن ته پاڪستان جي معيشت کي 150 ارب ڊالرن جو نقصان پهتو. آمريڪا سان جنگ ۾ شامل ٿيڻ کان پوءِ پاڪستان کي دهشتگردي کي منهن ڏيڻو پيو. آمريڪي ڪوششن ۾ شامل ٿيڻ کان پوءِ پاڪستان کي هڪ ساٿي جي حيثيت سان نشانو بنايو ويو. آمريڪي ڊرون حملن سان جنگ  ته نه کٽي سگهيا پر نفرت پيدا ڪري ڇڏي. آمريڪا افغان سرحد تي قبائلي علائقن ۾ فوج اماڻڻ لاءِ دٻاءُ وڌو. اتر وزيرستان ۾ 10 لک ماڻهو بي گهر ٿيا. جنهن سبب اربين ڊالرن جو نقصان پهتو. اسان  اڳ ئي ڳري قيمت ادا ڪري چڪا آهيون. هاڻ وڌيڪ برداشت نه ڪنداسين.

وزيراعظم لکيو ته افغان طالبان سموري ملڪ تي فتح حاصل نٿا ڪري سگهن. اسان افغانستان جي ڪنهن به فوجي قبضي جي مخالفت ڪريون ٿا. ماضي ۾ پاڪستان افغان مخالف پارٽين مان چونڊ ڪري غلطي ڪئي. اسان غلطي مان سبق حاصل ڪيو. هاڻ اسان جو ڪوبه پسنديده گروپ نه آهي. افغانستان ۾ ان حڪومت سان ملي ڪم ڪرڻ لاءِ تيار آهيون جنهن کي  عوام جو اعتماد حاصل هجي. پاڪستان آمريڪي فوجين جي نڪرڻ کان پوءِ افغانستان ۾ وڌيڪ تڪرار کان بچڻ چاهي ٿو. پاڪستان افغانستان ۾ امن لاءِ آمريڪا جو ڀائيوار بنجڻ لاءِ تيار آهي. اسان ڳالهين ذريعي امن چاهيون ٿا.