عثمان ڪاڪڙ جي جسم تي تشدد جو ڪوبه نشان نه آهي: پوسٽ مارٽم رپورٽ جاري

news

ڪراچي: (اڱارو22 جون 2021ع) پشتونخواهه ملي  عوامي پارٽي جي اڳواڻ عثمان ڪاڪڙ جو جناح اسپتال ۾ پوسٽ مارٽم ڪيو ويو. پوسٽ مارٽم جي شروعاتي رپورٽ موجب عثمان ڪاڪڙ جي جسم تي تشدد جو ڪوبه نشان نه آهي.

جسم جي مختلف حصن تي سرجري يا ڪينولاز جا نشان آهن جڏهن ته پيٿالوجي جي لاءِ ڪيترائي نمونا ورتا ويا آهن. اسپتال ذريعن موجب عثمان ڪاڪڙ جي ميت جا ڪجهه نمونا گهر ڀاتين جي حوالي به ڪيا ويا آهن جيڪي هو پنهنجي طور تي به چيڪ ڪرائيندا. ڊاڪٽرن موجب موت جو اصل سبب پيٿالوجي رپورٽ سان سامهون ايندو ۽ عثمان ڪاڪڙ جي ڀاءُ ۽ پٽ جي چوڻ تي پوسٽ مارٽم ڪيو ويو. پوسٽ مارٽم کان پوءِ پختونخواهه ملي عوامي پارٽي جي اڳوڻي سينيٽر عثمان ڪاڪڙ جي ميت وارثن جي حوالي ڪئي وئي جيڪا جنازي نماز جي ادائيگي لاءِ ڪراچي جي جناح باغ  پهچائي وئي.

جنازي نماز ۾ شرڪت لاءِ جي يو آءِ جو راشد سومرو، قاري شير افضل، جماعت اسلامي جو عبدالرزاق ۽ اي اين پي جو شاهد ۽ ٻيا پهتا. ٻئي طرف عثمان ڪاڪڙ جي ميت ڪراچي کان ڪوئٽه آندي پئي وڃي جيڪا اڄ رات جو ڪوئٽه پهچندي. جڏهن ته جنازي نماز ۽ تدفين سڀاڻي شام جو 5 وڳي مسلم باغ ۾ ٿيندي. واضح رهي ته مرحوم عثمان ڪاڪڙ جي پٽ پيءُ جي قتل جو شڪ ظاهر ڪري ڇڏيو آهي.

پٽ خوشحال خان دعويٰ ڪئي آهي ته منهنجي پيءُ کي قتل ڪيو ويو آهي. واقعي وقت والد گهر ۾ اڪيلو هو لڳي ٿو ته ان تي هڪ کان وڌيڪ ماڻهن حملو ڪيو آهي. خانداني ذريعن جو چوڻ هو ته عثمان ڪاڪڙ 3 ڏينهن اڳ مٿي تي ڌڪ لڳڻ سبب سخت زخمي ٿي پيو هو.