ٽڪ ٽاڪ تي پابندي لاڳو ڪرڻ لاءِ سپريم ڪورٽ ۾ درخواست داخل

news

اسلام آباد: (سومر 28 جون 2021ع) سوشل ميڊيا ايپلي ڪيشن ٽڪ ٽاڪ تي پابندي لاڳو ڪرڻ جي لاءِ سپريم ڪورٽ ۾ درخواست داخل ڪئي وئي آهي.

پاڪپتن جي رهواسي علي زيب طرفان داخل درخواست ۾ موقف اختيار ڪيو ويو آهي ته ٽڪ ٽاڪ ڏوهن کي هٿي ڏيڻ جو سبب بڻجي رهي آهي. جنهن تي ماڻهو منشيات ۽ هٿيار استعمال ڪندي وڊيوز اپ لوڊ ڪندا آهن جڏهن ته تعليمي ادارن ۾ ٽڪ ٽاڪ جي استعمال سبب ماحول خراب ٿي رهيو آهي. درخواست ۾ وڌيڪ چيو ويو آهي ته ٽڪ ٽاڪ تي ويوز وٺڻ لاءِ ماڻهو خودڪشي جهڙن قدمن جون وڊيوز ٺاهي رهيا آهن. جڏهن ته ان تي هلندڙ مواد پاڪستان جي اسلامي قانون خلاف آهي.

درخواست ڏيندڙ استدعا ڪئي آهي ته ٽڪ ٽاڪ کي جزوي طور تي بند ڪري بهتر پاليسي ڪئي وڃي ۽ حڪومت مواد کي سينٽر ڪرڻ جي لاءِ ميڪنزم ٺاهڻ جو حڪم ڏنو وڃي. واضح رهي ته ان کان اڳ پشاور هاءِ ڪورٽ ٽڪ ٽاڪ تي پابندي لاڳو ڪئي هئي جنهن کان پوءِ ان ئي عدالت طرفان ان پابندي کي ختم ڪيو ويو هو.