ڪروڙين دلين تي حڪمراني ڪندڙ ليجنڊ اداڪار دليپ ڪمار لاڏاڻو ڪري ويو

news

ممبئي: (اربع 07 جولاءِ 2021ع) ڪروڙين دلين تي حڪمراني ڪندڙ ليجنڊ اداڪار ۽ بالي ووڊ جو بادشاهه دليپ ڪمار 98 سالن جي عمر ۾ لاڏاڻو ڪري ويو.

ڀارتي ميڊيا موجب ليجنڊ اداڪار يوسف خان عرف دليپ ڪمار کي گذريل هفتي ساهه ۾ تڪليف سبب ممبئي جي اسپتال ۾ داخل ڪيو ويو ۽ ان اسپتال ۾ هن پنهنجي زندگي جا آخري ساهه کنيا. دليپ ڪمار کي گذريل مهيني ٻه ڀيرا ساهه ۾ تڪليف سبب اسپتال منتقل ڪيو ويو هو. گذريل مهيني 8 جون تي دليپ ڪمار کي ممبئي جي بندوجا اسپتال منتقل ڪيو ويو هو جتي ان جي حالت  بهتر ٿيڻ کان پوءِ ان جا گهر ڀاتي کيس 11 جون تي گهر واپس کڻي آيا هئا پر ان جي حالت هڪ دفعو بيهر خراب ٿيڻ تي کيس گذريل اربع 30 جون تي ٻيهر ممبئي جي هندوجا اسپتال داخل ڪيو ويو هو جتي هو ڊاڪٽرن جي نگراني هيٺ(آءِ سي يو) وارڊ ۾ هو. ڀارتي ميڊيا موجب دليپ ڪمار اربع جي صبح 7:30 منٽن تي ممبئي جي کهار بندوجا اسپتال ۾ پنهنجي زندگي جا آخري ساهه کنيا.

پشاور جي محلي خداداد ۾ يوسف خان جي نالي سان پيدا ٿيندڙ دليپ ڪمار 1944ع ۾ فلم(جواريهانا) کان اداڪاري جي شروعات ڪئي. تقريبن 5 ڏهاڪن کان بالي ووڊ تي حڪمراني ڪندڙ 86 کان وڌيڪ فلمن ۾ ڪم ڪيو. هو پنهنجي دور ۾ رومينٽنڪ هيرو جي طور تي سڃاتو ويندو هو. فلم سنگ دل، امر، اڙن کهٽولا، آن، انداز، نيا دور، مدهومتي، يهودي، مغل اعظم ۽ ديوداس جهڙيون  ڪجهه فلمون آهن جن ۾ ڪم ڪرڻ سبب کيس شهنشاهه جذبات جو خطاب ڏنو ويو. پر هن فلم ڪوهه نور، آزاد، گنگا جمنا، رام ۽ شيام ۾ ڪم ڪري اهو ثابت ڪيو ته هو ماڻهن کي کلائڻ جو فن به ڄاڻندو هو. دليپ ڪمار کي 1994ع ۾ ڀارتي فلم انڊسٽري جي سڀني کان وڏي اعزاز دادا صاحب پهالڪي ايوارڊ سان نوازيو ويو. ان کان علاوه 2015 ۾ کيس ڀارت جو ٻيو سڀني کان وڏو شهري اعزا پدم وي بهوشن ڏنو ويو.

پاڪستان جي حڪومت طرفان کيس 1988ع  ۾ پاڪستان جي سڀني کان وڏي سيويلن اعزاز نشان پاڪستان سان به نوازيو ويو هو.  هوڏانهن پاڪستان جي صدر عارف علوي مشهور اداڪار يوسف خان عرف دليپ ڪمار جي لاڏاڻي تي ڏک جو اظهار ڪيو. هن جو چوڻ هو ته اداڪار جي خدمتن کي ڪڏهن به وساري نٿو سگهجي.

اپوزيشن اڳواڻ شهباز شريف، پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو به ليجنڊ اداڪار جي لاڏاڻي تي ڏک جو اطهار ڪندي سندس لاءِ دعا ڪئي. سُڌ سماءُ واري وفاقي وزير فواد چوڌري به ڏک جو اطهار ڪندي  چيو ته دليپ ڪمار کي هميشه ياد رکيو ويندو. گهرو وزير شيخ رشيد احمد به اداڪار يوسف خان عرف دليپ ڪمار جي وفات تي ڏک جو اظهار ڪيو. هن جو چوڻ هو ته دليپ ڪمار هڪ عظيم فنڪار هو. ان جو متبادل ممڪن نه آهي. پنجاب جي گورنر چوڌري محمد سرور به ٽوئٽر پيغام ۾ اداڪار دليپ ڪمار جي لاڏاڻي تي ڏک جو اطهار ڪندي گلاسڪو مسجد جي دوري دوران دليپ ڪمار سان پنهنجون تصويرون  شيئر ڪيون. هن چيو ته دليپ ڪمار باڪمال صلاحيتن جو مالڪ فنڪار  هو هن جي خدمتن کي تاريخ ۾ هميشه ياد رکيو ويندو.