news
مظفرآباد

دهلي ۽ اسلام آباد جي ڊڪٽيشن تي نه هلنداسين، وزيراعظم ڪشمير معاملي ۾ ناڪام رهيو: بلاول ڀٽو

مظفرآباد: (خميس 08 جولاءِ 2021ع) پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته اسان دهلي ۽ اسلام آباد جي ڊڪٽيشن تي نه هلنداسين، وزيراعظم  ڪشمير معاملي ۾ ناڪام رهيو. 25 جولاءِ تي ڪشمير جي عوام ڪٺ پتلي کي جواب ڏيندي.

پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري حويلي آزاد ڪشمير ۾ چونڊ جلسي کي خطاب ڪندي چيو ته اسان اهڙو وزيراعظم نٿا چاهيون جيڪو اسلام آباد ۾ ويهي مودي جي کٽڻ جون دعائون گهري. اسان بينظير ڀٽو جي اڌ ۾ ڇڏيل مشن کي مڪمل ڪنداسين. هن چيو ته پيپلز پارٽي عوام کي مشڪل وقت ۾ نٿي ڇڏي سگهي ۽ آزاد ڪشمير ۾ جيالا وزيراعظم جي چونڊ ڪندا. پيپلز پارٽي پنهنجي دور ۾ ملازمن جي پگهارن ۾ واڌ ڪئي. بلاول ڀٽو زرداري چيو ته پيپلز پارٽي جي دور ۾ سڀني کان وڌيڪ روزگار مليو. غريب جي آواز هڪ ئي پارٽي آهي ۽ اها پيپلز پارٽي  آهي. اسان جي پارٽي ڪڏهن به ڪشمير جو سودو نٿي ڪري سگهي اهو ڪيئن ٿي سگهي ٿو ته خوشيون هنن سان ملهايون ۽ ڏک اوهان سان. پيپلز پارٽي ئي اها واحد پارٽي آهي جيڪا ڪڏهن به پاڪستان جو سودو نه ڪندي.

ڀارتي وزيراعظم نريندر مودي بابت ڳالهائيندي بلاول چيو ته مودي جي اکين ۾ اکيون وجهي ڳالهائيندڙ هڪ ئي پارٽي آهي ۽ اها پيپلز پارٽي آهي. اسان جي بدقسمتي آهي ته اسان جو وزيراعظم نااهل آهي. جڏهن ڪشمير تي حملو ٿيو ته وزيراعظم چيو ته مان ڇا ڪريان. پاڪستان جي وزيراعظم ۾ ڪشمير جي لاءِ ڳالهائڻ جي همت نه آهي.  بلاول ڀٽو وزيراعظم تاريخي حملي جي رد عمل ۾ چوي ٿو ته اسان پنهنجي روڊن کي سرينگر جو نالو ڏيندا آهيون. اسان جو وزيراعظم ڪشمير معاملي  ۾ ناڪام رهيو. جيڪو ڪشميري ڀيڻ ڀائرن جي اميدن تي پورو ناهي لٿو. بلاول ڀٽو چيو ته بينظير ڀٽو چوندي هئي ته جتي ڪشميرين جو پگهر ڪرندو اتي منهنجو رت ڪرندو ۽ حويلي جي عوام جو هڪ ئي نعرو آهي. ڪشمير جو سودو نامنظور. 25  جولاءِ تي ڪشميري عوام ڪٺ پتلي کي جواب ڏيندا.

هن چيو ته اسان ڪشميري عوام جي ڊڪٽيشن کان علاوه ڪنهن جي به نه مڃينداسين جڏهن ته اسان دهلي ۽ اسلام آباد جي ڊڪٽيشن کي ڪڏهن به نه مڃينداسين. ڪشمير جي عوام 25 جولاءِ تي بني گالا وارن کي ڀڄايئيندي. ڪشمير تي حملي جو جواب پنهنجي ئي نقشي ۾ تبديلي سان ڏنو ويندو آهي. اسان ڪشميري عوام جي حڪم تي هلنداسين.  ڪشمير جي عوام 3 نسلن کان اسان جو ساٿ ڏنو. قائد عوام اسان کي سيکاريو  هو ته ڪشمير جي ڀيڻ ڀائرن لاءِ هزار سال به جنگ وڙهڻي پئي ته اها به وڙهنداسين.