بنگلاديش ۾ دنيا جي سڀني کان ننڍي قد واري ڳئون ڌيان جو مرڪز بڻجي وئي

news

ڍاڪا: (خميس 08 جولاءِ 2021ع) دنيا جي سڀني کان ننڍي قد واري ڳئون ڌيان جو مرڪز بڻجي وئي. پرڏيهي خبرون ڏيندڙ ايجنسي موجب دنيا جي ننڍي ترين خوبصورت ڳئون(ميڊيا اسٽار) بڻجي وئي. جنهن کي ڏسڻ جي لاءِ هزارين ماڻهو اچي رهيا آهن.

ڳئون جي عمر تقريبن 2 سال آهي ۽ ان جو قد 20 انچ آهي جيڪا پنهنجي معصوميت ۽ ننڍي قد هجڻ سبب سڀني جي ڌيان جو مرڪز بڻجي وئي آهي ۽ سوشل ميڊيا تي به تيزي سان وائرل ٿي رهي آهي. ڳئون جي مالڪ جو چوڻ آهي ته هُن ڳئون جو نالو راڻي رکيو آهي ڳئون جي مالڪ جي دعويٰ آهي ته پنهنجي عمر جي اعتبار سان راڻي دنيا جي ننڍي ترين ڳئون آهي جنهن جو وزن 26 ڪلو آهي.

ننڍي قد سبب راڻي نه صرف ماڻهن جي ڌيان جو مرڪز بڻيل آهي پر ان جا چرچا هاڻ بنگلاديش کان ٻاهر به ٿي رهيا آهن ۽ هي هن وقت سوشل ميڊيا تي ڇانيل آهي. هي ڳئون بنگلاديش جي گادي واري شهر ڍاڪا جي ويجهي علائقي ۾ واقع هڪ فارم  هائوس ۾ آهي جنهن کي ڏسڻ جي لاءِ هزارين جي انگ ۾ ماڻهو لاڪ ڊائون ۽ ٽرانسپورٽ جي پابندين باوجود پري پري کان ڏسڻ جي لاءِ اچي رهيا آهن.