تحريڪ انصاف حڪومت جي تباهي ۽ بربادي جي سج کي آزاد ڪشمير ۾ اُڀرڻ نه ڏينداسين: مريم نواز

news

مظفرآباد: (جمعو 09 جولاءِ 2021ع) مسلم ليگ(ن) جي نائب صدر مريم نواز چيو آهي ته عمران خان ڪشمير کي وڪرو ڪيو آهي هو ڪشمير کي ڀارت جي جهولي ۾ اڇلي آيو. تحريڪ انصاف حڪومت جي تباهي، نالائقي ۽ سليڪشن جو سج آزاد ڪشمير ۾ اڀرڻ نه ڏينداسين.

ڪوٽله ۾ چونڊ جلسي کي خطاب ڪندي ليگي اڳواڻ مريم نواز چيو ته تحريڪ انصاف حڪومت جو وائرس والاريل ڪشمير کي ڳهي ويو. عمران خان ۽ تحريڪ انصاف ڪورونا وائرس کان وڌيڪ خطرناڪ آهن. منهنجي رپورٽن موجب ڪشمير جي سودي ۾ عمران خان جي مرضي شامل هئي. ڪشميري عوام سان ملي عمران خان کان پڇڻ چاهيان ٿي ته ڪشميرين جو رت توکي وڪرو ڪرڻ جو حق ڪنهن ڏنو. هن چيو ته جنهن انسان سموري زندگي راندين ۾ گذاري هجي انهي کي ڪهڙي خبر ته پرڏيهي پاليسي ڇا هوندي آهي. هو ڪرڪيٽ گرائونڊ ۾ بيٽ گهمائيندو رهيو هاڻ ان ئي بيٽ سان عوام کي ڪٽي ڪٽي اڌ مرڻ جهڙو ڪري ڇڏيو آهي.

هي چوي ٿو مون ڪشمير تي خاموشي اختيار ڪري ورتي آهي. عوام به 2 منٽن جي خاموشي اختيار ڪري. مريم نواز چيو ته نوازشريف ٻڌائيندو هو ته مون موٽرويز ٺاهيا، بجلي ٺاهي، ضرب  عضب ڪاميابي سان ڪيو. عمران خان ڪشمير ايندو ته عوام کي ڇا ٻڌايئندو.

رمضان المبارڪ ۾ عوام کي هڪ هڪ ڪلو کنڊ جي لاءِ خوار ڪيو ويو. تحريڪ انصاف حڪومت جي بربادي، تباهي، نالائقي ۽ سليڪشن جو سج پاڪستان ۾ اڀري رهيو آهي. ان سج کي اسان آزاد ڪشمير ۾ اڀرڻ نه ڏينداسين.