news
مظفرآباد

اٽو ۽ کنڊ چوري ڪندڙ هاڻ ڪشمير جي عوام کان ووٽ گهرڻ بجاءِ معافي گهرن: مريم نواز

مظفرآباد: (سومر 12 جولاءِ 2021ع) مسلم ليگ(ن) جي نائب صدر مريم نواز چيو آهي ته اٽو، کنڊ ۽ دوائون چوري ڪندڙ هاڻ جان ڇڏين، آزاد ڪشمير چونڊ تي نظر لڳائي ويهندڙ ووٽ چور هاڻ ڪامياب نٿا ٿي سگهن. هاڻ ووٽ گهرڻ جي بجاءِ  هنن کي عوام کان معافي وٺڻ گهرجي.

پاڪستان مسلم ليگ(ن) جي نائب صدر مريم نواز جلسي کي خطاب ڪندي چيو ته ڪشمير جي عوام کي نوازشريف ۽ شهباز شريف جو سلام. ڪشميرين پنهنجو فيصلو ٻڌائي ڇڏيو آهي. اوهان جو جذبو ٻڌائي رهيو آهي ته ڪشمير ۾ ٻيهر شينهن اچي رهيو آهي.  مريم نواز چيو ته هڪ ووٽ چور هتي نظرون لڳائي ويٺل آهي. وفاق کان ملندڙ بجيٽ ڪشميرين جو حق آهي. چونڊ مهم مون کي ڪشمير جي گهٽي گهٽي کان واقف ڪري ڇڏيو آهي. مريم نواز چيو ته ٻڌو آهي ته عمران خان هتي ووٽ گهرڻ اچي رهيو آهي. ڇا هي ڪشمير جي ترقي کي روڪڻ ۽ اٽو کنڊ چوري ڪرڻ اچي رهيا آهن.

عمران خان 3 سالن ۾ پاڪستان جي ترقي کي ريورس گيئر لڳائي ڇڏيو آهي. عمران خان اچي ته ان کان پڇجو ڪشمير کي به ريورس گيئر لڳائڻ آيا آهيو. روزيدارن کي هڪ ڪلو کنڊ لاءِ قطارن ۾ بيهاريو ويو. عمران خان جي نااهلي ۽ نالائقي سبب ڪيترائي ماڻهو متاثر ٿيا آهن. انسولين جي ننڍي شيشي 1100 روپين جي ٿي وئي آهي. ليگي اڳواڻ چيو ته ڪيترائي ماڻهو ذاتي مفاد لاءِ نوازشريف خلاف پروپيگنڊا ڪري رهيا آهن. پاڪ فوج جون پگهارون نوازشريف جي دور ۾ وڌيون. عمران خان جي دور ۾ فوجي جوانن جون پگهارون ناهن وڌيون. هن جو چوڻ هو ته عدالت ليگي اڳواڻن کي  سرخرو ڪري ڇڏيو. بزدل مقابلو نٿا ڪري سگهن. هنن جا وزير ماڻهن ۾ پئسا ورهائيندي پڪڙيا ويا. جعلي حڪمرانن کي سادي اڪثريت ڏيکارڻ لاءِ به مسئلا پيش اچي رهيا آهن.

مريم نواز وڌيڪ چيو ته هڪ پارٽي اهڙي آهي جيڪا ووٽ چوري ڪرڻ جي ماهر آهي. اها پارٽي اليڪشن ڪميشن جو عملو به کڻي ويندي آهي. جڏهن  اليڪشن ڪميشن جو عملو بازياب ٿيو ته  هنن ۾ مايوسي پکرجي وئي. عمران خان نوازشريف جو مقابلو نٿو ڪري سگهي. 3 سالن کان پوءِ به نوازشريف کي شڪست ڏيڻ لاءِ  هنن کي ڌانڌلي ڪرڻي پئي. چونڊ جي لاءِ رياستي وسيلا استعمال ڪيا پيا وڃن. عمران خان کي آزاد ڪشمير ۾ اچي پنهنجو وقت ضايع ڪرڻ جي ڪابه ضرورت نه آهي. آزاد ڪشمير جي عوام پنهنجو فيصلو ٻڌائي ڇڏيو آهي.