news
مظفرآباد

نوازشريف کي جيل ۾ به قتل ڪرڻ جي سازش ڪئي وئي: مريم نواز

مظفرآباد: (خميس 15 جولاءِ 2021ع) مسلم ليگ(ن) جي نائب صدر مريم نواز چيو آهي ته نوازشريف کي جيل ۾ به قتل ڪرڻ جي سازش ڪئي وئي هئي.

آزاد ڪشمير ۾ چونڊ جلسي کي خطاب ڪندي مسلم ليگ(ن) جي نائب صدر مريم نواز چيو ته  آزاد ڪشمير جي پٽ نوازشريف جو سلام آندو آهي. بلوچن منهنجو بهترين استقبال ڪيو. منهنجي نسن ۾ ڪشميري رت آهي. هي ماڻهو نوازشريف کان ڊڄن ٿا. عمران خان جي صبح شام نوازشريف جي نالي سان ٿيندي آهي. نوازشريف جي خلاف هر قسم جون سازشون ٿيون. نوازشريف کي  جيل ۾ به قتل ڪرڻ جي سازش ڪئي وئي. مريم نواز چيو ته هي هاڻ نوازشريف جي ٺاهيل منصوبن کي گروي رکڻ جي سازش ڪري رهيا آهن. ڪشمير جي هر ڪنڊ ۾ نوازشريف جو نالو وٺندڙ موجود آهن.

والاريل ڪشمير جي ڪيس ۾ شڪست کان پوءِ هاڻ هنن جون نظرون آزاد ڪشمير تي آهن. ڪشمير کي ڀارت جي جهولي ۾ اڇلڻ جي سازش آمريڪا ۾ ڪئي وئي. مريم نواز چيو ته مان نوازشريف کي مبارڪباد ڏيان ٿي ته اوهان جو ووٽ کي عزت ڏيو جو نعرو هر جڳهه تي پهچي ويو آهي. آزاد ڪشمير ۾ به ووٽ کي عزت ڏيو واري نعري جي گونج آهي. ايندڙ اليڪشن ۾ شڪست کي ڏسندي هنن کي چونڊ اصلاحون ياد اچي رهيون آهن. چونڊ اصلاح صرف ۽ صرف عوام جي طاقت هوندي آهي. اليڪشن ريفارمرز ڪابه آر ٽي ايس يا ڪا به مشين ناهي هوندي. عمران خان جي حساب جو ڏينهن ويجهو آهي. 

عوام ئي هنن کان حساب وٺندو. جيڪڏهن هن اليڪشن کي چوري ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي ته پوءِ هي ڪنهن کي به منهن ڏيکارڻ جي لائق نه رهندو. مريم نواز چيو ته ملڪي راز صرف قوم کي خبر ناهي باقي سڀني کي خبر آهي. اڄ پڙهيو آهي ته عوام مٿان پيٽرول بم ڪيرائڻ جي سازش ڪئي پئي وڃي. جڏهن تيل جون قيمتون وڌنديون آهن ته هر شيءَ جي قيمت ۾ اضافو ٿي ويندو آهي. تيل جي قيمت وڌڻ سان عمران خان کي فرق نٿو پوي ڇو ته هو سائيڪل تي آفيس ويندو آهي.