news
مظفرآباد

آزاد ڪشمير جي چونڊن کان اڳ ڪشميرين(ن) ليگ جي حق ۾ فيصلو ٻڌائي ڇڏيو آهي: مريم نواز

مظفرآباد: (ڇنڇر 17 جولاءِ 2021ع) مسلم ليگ(ن) جي نائب صدر مريم نواز چيو آهي ته آزاد ڪشمير چونڊن کان آزاد ڪشمير جي عوام(ن) ليگ جي حق ۾ فيصلو ٻڌائي ڇڏيو آهي. نوازشريف جا آواز پوري ڪشمير ۾ گهمي رهيا آهن.

مريم نواز چيو ته هي 2018 نه آهي جنهن ۾ اوهان آر ٽي ايس روڪرائي ڇڏيو هو هاڻ جيڪڏهن اوهان ڪشمير جي چونڊ چوري ڪئي ته ڪشمير جي عوام اوهان کي نه ڇڏيندي. مسلم ليگ(ن) هاڻ 2018 واري ناهي رهي. پر هاڻ اها ووٽ چوري ڪندڙن کي پڪڙڻ واري پارٽي آهي(ن) ليگ جي چونڊ مهم مخالفن کي نظر اچي رهي آهي. اسلام ڳڙهه ۾ جلسي کي خطاب ڪندي مسلم ليگ(ن) جي نائب صدر مريم نواز چيو ته سموري دنيا ڏسي ورتو ته ڪشميرين پنهنجو فيصلو نواز شريف جي حق ۾ ٻڌائي ڇڏيو آهي. (ن) ليگ سمورين مخالف پارٽين جون ڊوڙون لڳائي ڇڏيون آهن.

هن ڀيري اوهان جو مقابلو آزاد ڪشمير جي شينهن سان آهي هي 2018 نه آهي جنهن ۾ اوهان مشينون بند ڪري اليڪشن چوري ڪيو هو. عمران خان اي ٽي ايم جي علائقي مان چونڊ مهم جي شروعات ڪري رهيو آهي. وزيراعظم چونڊ مهم جي شروعات باغ مان ان ڪري ڪري رهيو آهي  ڇو ته  هتي هن اي ٽي ايم ڳولي آهي. ڪشمير جو ڪيس هارائي چوي ٿو ته 2 منٽن جي خاموشي اختيار ڪريو. هن چيو ته عمران خان نوازشريف جي ٺاهيل منصوبن جو افتتاح ڪري رهيو آهي.  هنن کي هاڻ مڃڻ گهرجي ته نوازشريف اوهان سڀني جو استاد آهي. نوازشريف چاهيو ٿي ته آزاد ڪشمير ۾ به موٽر وي ٺهي. سي پيڪ نوازشريف جي دور ۾ ترقي ڪري رهيو هو.