آزاد ڪشمير اسيمبلي جي چونڊن لاءِ پولنگ جو پهريون مرحلو جاري

news

مظفرآباد: (آچر 18 جولاءِ 2021ع) آزاد جمون ڪشمير قانون ساز اسيمبلي جي 33 تڪن ۾ پولنگ جي پهرين مرحلي جي شروعات ٿي وئي آهي. جنهن جي تحت 27 هزار کان وڌيڪ سرڪاري ملازم پنهنجي ووٽ جو حق استعمال ڪري رهيا آهن.

رپورٽ موجب آزاد جمون ڪشمير قانون ساز اسيمبلي جي 33 تڪن ۾ پولنگ جو پهريون مرحلو جاري آهي. اليڪشن ڪميشن ريٽننگ آفيسرن جي آفيسن کي پولنگ اسٽيشن قرار ڏنو آهي اليڪشن ڊيوٽي تي مقرر سمورن سرڪاري ملازمن کي پنهنجي پنهنجي تڪن جي ريٽرنگ آفيسرن طرفان قائم ڪيل پولنگ اسٽيشن تي وڃي ووٽ وجهڻ جي هدايت ڪئي وئي آهي جتي چونڊ ڊيوٽي تي مقرر ڪيل 27 هزار کان وڌيڪ سرڪاري ملازم پنهنجي ووٽ جو حق استعمال ڪندا.

اهڙي طرح آزاد ڪشمير جي 33 چونڊ تڪن ۾  چونڊ ڊيوٽي مقرر 5114 پريزائيڊنگ آفيسر 7336 پولنگ آفيسر ۽ 14672 پولنگ اسسٽنٽ پنهنجو پنهنجو ووٽ وجهي رهيا آهن. ٻئي طرف اليڪشن جي دوران سيڪيورٽي ۽ امن امان کي قائم رکڻ جي لاءِ مقرر ڪيل پوليس اهلڪار  لاڳاپيل ايس ايس پي طرفان ڏنل لسٽ موجب پوسٽل بيلٽ پيپر حاصل ڪري سگهندا.

واضح رهي ته سرڪاري ملازمن جا ووٽ 25 جولاءِ جي اليڪشن کان پوءِ ووٽن جي ڳڻپ دوران ڪاسٽ ڪيا ويندا.