news
لاھور

لاهور جي اسپتالن ۾ ٽن ڏينهن دوران وڌيڪ ڇاونجاهه مريضن ۾ ڊيلٽا وائرس جي تصديق

لاهور: (آچر 18 جولاءِ 2021ع) لاهور ۾ ڪورونا ڊيلٽا وائرس تيزي سان پکڙجڻ لڳو. لاهور جي اسپتالن ۾ 3 ڏينهن جي دوران وڌيڪ 56 مريضن ۾ ڊيلٽا وائرس جي تصديق ٿي وئي آهي.

ذريعن موجب 3 ڏينهن جي دوران  85 شڪي نمونن مان 56 ۾ ڊيلٽا وائرس جي تصديق ٿي آهي. ان حوالي سان صوبائي صحت کاتي جي ترجمان چيو آهي ته ڊيلٽا وائرس جي پکيڙ جي رفتار ٻين ويرينٽس جي مقابلي ۾ 50 سيڪڙو تيز آهي. ان کان بچاءُ صرف ويڪسين لڳائڻ سان ئي ممڪن آهي.

ياد رهي ته گذريل ڏينهن پنجاب جي وڌيڪ 24 شهرين ۾ ڊيلٽا وائرس جي تصديق ٿي هئي.