جنت مرزا ايوارڊ شوز مٿان پابندي جو مطالبو ڪري ڇڏيو

news

لاهور: (آچر 18 جولاءِ 2021ع) مشهور ٽڪ ٽاڪ اسٽار جنت مرزا ايوارڊ شوز تي پابندي لاڳو ڪرڻ جو مطالبو ڪري ڇڏيو آهي.

سموري ملڪ ۾ ڪيتري ئي وقت کان مشهور ايپليڪيشن ٽڪ ٽاڪ تي غير اخلاقي مواد شيئر ڪرڻ تي پابندي لڳائڻ جو سلسلو جاري آهي پر ان حوالي سان ٽڪ ٽاڪر جنت مرزا انسٽاگرام تي اسٽوري پوسٽ ڪئي. جنت مرزا سوال ڪندي لکيو ته ايوارڊ شوز جي باري ۾ ڇا خيال آهي؟ جتي غيراخلاقي ڪپڙا ۽ اسٽيج تي ڊانس ڪرڻ عام ڳالهه آهي.

ٽڪ ٽاڪر چيو ته پوءِ انهن شوز  مٿان به پابندي لڳڻ گهرجي. جنت مرزا جي اها اسٽوري انسٽاگرام سميت سوشل ميڊيا جي ٻين پليٽ فارمز تي وائرل ٿي رهي آهي جتي ڪجهه صارفين  سندس اهڙي بيان تي متفق نظر اچي رهيا آهن.