پاڪستان ۽ انگلينڊ وچ ۾ ٽي ٽوئنٽي سيريز جو اهم ۽ آخري ميچ اڄ کيڏيو ويندو

news

لاهور: (اڱارو 20 جولاءِ 2021ع) پاڪستان ۽ انگلينڊ وچ ۾ ٽي ٽوئنٽي سيريز جو ٽيون ۽ آخري ميچ اڄ مانچسٽر ۾ ٿيندو. سيريز هڪ هڪ ميچ سان برابر آهي.

پهرين ميچ ۾ پاڪستان انگلينڊ کي 31 رنسن تان شڪست ڏني هئي جڏهن ته ٻئين ميچ ۾ ميزبان ٽيم حساب برابر ڪندي پاڪستان کي 45 رنسن تان شڪست ڏئي سيريز هڪ هڪ سان برابر ڪري ڇڏي. فيصلو ڪندڙ ميچ لاءِ ٻئي ٽيمون مانچسٽر پهچي ويون آهن.

پاڪستاني فاسٽ بالر حسن علي لاڳيتو ان فٽ آهي واضح رهي ته ميچ پاڪستاني وقت موجب رات جو ساڍي 10 وڳي شروع ٿيندو.