ڀارتي اداڪاره شلپا شيٽي جو مڙس فحش فلمون ٺاهڻ جي الزام ۾ گرفتار

news

ممبئي: (اڱارو 20 جولاءِ 2021ع) بالي ووڊ جي مشهور اداڪاره شلپا شيٽي جي مڙس راج ڪندرا کي فحش فلمون ٺاهڻ جي الزام ۾ گرفتار ڪيو ويو آهي.

ڀارتي ميڊيا موجب ممبئي پوليس پنهنجي بيان ۾  چيو آهي ته اداڪاره جي مڙس 45 ساله راج ڪندرا سميت ٻين 11 ڄڻن کي فحش فلمون ٺاهڻ ۽ پوءِ موبائل ايپس تي ڦهلائڻ سبب گرفتار ڪيو ويو آهي. رپورٽ موجب راج ڪندرا جي خلاف هلندڙ سال فيبروري ۾ ممبئي ڪرائم برانچ طرفان ڪيس داخل ڪيو ويو هو. جنهن جي تحت سموريون شاهديون گڏ ڪرڻ کان پوءِ راج ڪندرا کي ان ڪيس ۾ مُک جوابدار طور گرفتار ڪيو ويو آهي.

ياد رهي ته ان کان اڳ اداڪاره ۽ ماڊل پونم پانڊي ممبئي هاءِ ڪورٽ ۾ راج ڪندرا سميت ان جي ساٿي خلاف درخواست داخل ڪئي هئي. جنهن ۾ چيو ويو هو ته هڪ معاهدو ختم ٿيڻ سبب ان جي وڊيوز کي غيرقانوني طريقي سان استعمال ڪيو ويو.