سنڌ حڪومت ڪورونا ويڪسين نه ڪرائيندڙن جا سوشل ميڊيا اڪائونٽ بلاڪ ڪرڻ جي سفارش ڪري ڇڏي

news

ڪراچي:(ڇنڇر 24 جولاءِ 2021ع) سنڌ حڪومت اين سي او سي ڪورونا ويڪسينيشن نه ڪرائيندڙن جي خلاف ڪارروائي جو مطالبو ڪري ڇڏيو آهي جنهن ۾ موبائل فون سم کان پوءِ سوشل ميڊيا اڪائونٽس بلاڪ ڪرڻ جي سفارش ڪئي وئي آهي.

تفصيل موجب سنڌ حڪومت ڪورونا ويڪسينيشن نه ڪرائيندڙن جي خلاف سخت ايڪشن جو فيصلو ڪري ورتو آهي. ان حوالي سان سنڌ جي صحت کاتي طرفان اين سي او سي کي نوٽيفڪيشن اماڻيو ويو آهي. نوٽيفڪيشن ۾ سنڌ جي صحت کاتي 4 مرحلن ۾ ڪارروائي جو مطالبو ڪيو آهي. جنهن ۾ چيو ويو آهي ته پهرين مرحلي ۾ موبائل فون سم بلاڪ ڪرڻ لاءِ ميسج ذريعي آگاهي ڏني وڃي.

ٻئي مرحلي ۾ سوشل ميڊيا اڪائونٽس بلاڪ ڪرڻ جي سفارش ڪئي وڃي. نوٽيفڪيشن ۾ چيو ويو آهي ته ٽئين مرحلي ۾ موبائل فون کان ڪال جي سهولت ختم ڪئي وڃي ۽ چوٿين مرحلي ۾ ويڪسين نه لڳرائڻ تي موبائل فون سم بلاڪ ڪئي وڃي. سنڌ جي صحت کاتي نوٽيفڪيشن ۾ اين سي او سي پي ٽي اي کان به فوري طور تي قدم کڻڻ جو چيو آهي.