news
اسلام آباد

ملڪ جي مختلف شهرن ۾ هوائي سفر لاءِ ڪورونا ويڪسين سرٽيفڪيٽ لازمي قرار

اسلام آباد: (ڇنڇر 24 جولاءِ 2021ع) نيشنل ڪمانڊ اينڊ آپريشن سينٽر(اين سي او سي) ملڪ جي مختلف شهرن ۾ سفر لاءِ ڪورونا ويڪسينيشن سرٽيفڪيٽ کي لازمي قرار ڏئي ڇڏيو آهي.

اين سي او سي جي ٽوئٽر اڪائونٽ تان جاري ڪيل بيان ۾ چيو ويو آهي ته پهرين آگسٽ کان ملڪ جي مختلف شهرن ۾ هوائي سفر لاءِ ڪورونا ويڪسينيشن سرٽيفڪيٽ لازمي آهي. ان ڪري پريشاني کان بچڻ لاءِ شهري 31 جولاءِ تائين ويڪسين لڳرائين ۽ ويڪسينيشن سرٽيفڪيٽ حاصل ڪن.

واضح رهي ته ملڪ ۾ ڪورونا جي پکيڙ کي روڪڻ لاءِ جي ويڪسينيشن کي لازمي قرار ڏنو ويو آهي. جڏهن ته سنڌ حڪومت هڪ هفتي ۾ ويڪسينيشن نه ڪرائيندڙ شهرين جون موبائل سمز بند ڪرڻ جي به تجويز ڏني آهي.