پاڪستان ۽ ويسٽ انڊيز وچ ۾ ٿيندڙ ڪرڪيٽ سيريز ري شيڊول ٿيڻ جو امڪان

news

لاهور: (ڇنڇر 24 جولاءِ 2021ع) پاڪستان ۽ ويسٽ انڊيز جي ڪرڪيٽ ٽيمن وچ ۾ سيريز جي شيڊول ۾ تبديلي جو امڪان ظاهر ڪيو پيو وڃي.

ويسٽ انڊيز جي ڪرڪيٽ بورڊ طرفان جاري ڪيل بيان ۾ چيو ويو آهي ته ايندڙ ڏينهن ۾ جيڪڏهن ميچز جي شيڊول ۾ تبديلي ضروري ٿي ته پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ سان ان حوالي سان ڳالهيون ڪيون وينديون.

ويسٽ انڊيز ڪرڪيٽ ٽيم طرفان اهڙو اعلان ان وقت سامهون آيو آهي جڏهن ويسٽ انڊيز ۽ آسٽريليا وچ ۾ ون ڊي سيريز کي ري شيڊول ڪيو ويو.

ويسٽ انڊيز ۽ آسٽريليا جي ٽيمن وچ ۾ خميس تي ٻيون ون ڊي ان وقت التوا جو شڪار ٿيو جڏهن ٽاس ٿي چڪو هو پر هڪ ميمبر جو ڪورونا 19 ٽيسٽ هاڪاري آيو هو جنهن کان پوءِ ٽيمون ۽ لاڳاپيل ماڻهو هوٽل اندر آئسوليشن ۾ هليا ويا هئا.