نئون ديرو: مشهور تعليم دان محمد بخش ڪٽپر بيماري سبب لاڏاڻو ڪري ويو

news

نئون ديرو (رپورٽ: رحمت الله موريو) قائد عوام شهيد ذوالفقار علي ڀٽو جو ويجهو ساٿي ۽ نئون ديرو شهر جو مشهور تعليم دان رٽائرڊ استاد محمد بخش ڪٽپر 86 ورهين جي ڄمار ۾ لاڏاڻو ڪري ويو.

جڏهن ته رٽائرڊ استاد ڊگهي عرصي کان بيمار هو، جنهن جص گهر ۾ اوچتو طبيعت وڌيڪ خراب ٿي پئي جتي هو فوت ٿي ويو، سندس جنازي نماز شام جو نئون ديرو شهر جي مرڪزي المصطفيٰ عيد گاهه ۾ ادا ڪئي وئي، جنهن ۾ سياسي، سماجي، علمي، ادبي، مذهبي تنظيمن جي اڳواڻن، شهرين ۽ ڪٽپر برادري جي ماڻهن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي. جنازي نماز ادا ڪرڻ بعد سندس مڙهه اباڻي قبرستان ۾ مٽيءَ ماءُ حوالي ڪيو ويو.

جڏهن ته شهر جي نئون ديرو هائوس ڏانهن ويندڙ روڊ سان رهائشگاهه تي تڏو وڇايو ويو آهي، جتي سندس پٽن ڊاڪٽر خليل احمد ڪٽپر، انجنيئر رشيد احمد ڪٽپر، زرعي بئنڪ آفيسر بشير احمد ڪٽپر ۽ ڪسٽم انسپيڪٽر عزيز احمد ڪٽپر سميت لاڙڪاڻي جي سنيئر صحافي جمال الدين دائودپوٽو ۽ نوجوان صحافي صمد جمال سان تعزيتن جو سلسلو جاري هو.

سگا شاخ نئون ديرو پاران عبداللطيف ڪرٽيو، ڊاڪٽر غلام مصطفيٰ کهڙو، محمد شريف ڀرچونڊ، سڪندر علي راشدي، غلام علي سولنگي، غلام حسين ڪٽپر، ثناءُالله جروار، مهتاب ڪرٽيو، صحافين لطيف سولنگي، رحمت موريو، رحمت ڀٽو، رشيد ابڙو، نور محمد سومرو، سليم رضا سولنگي، ارشاد ميراڻي، اصغر عباسي، خالد ڪريم مڱريو، صغير ابڙو، زبير ڀٽو، محمد علي جروار ۽ ٻين تڏي تي پهچي مرحوم جي روح کي ثواب پهچائڻ خاطر فاتحه خواني ڪري تعزيت ڪئي ۽ تعزيتن جو سلسلو جاري هو.

ياد رهي ته سنيئر استاد محمد بخش ڪٽپر قائد عوام شهيد ذوالفقار علي ڀٽو جو ويجهو ساٿي هجڻ سان گڏ پنهنجي پوري حياتي تعليم جي روشني ڦهلائڻ لاءِ علائقي واسين جي خدمت ڪئي ۽ ڪٽپر برادريءَ جو چڱو مڙس پڻ هيو.