news
مظفرآباد

آزاد ڪشمير چونڊون: ٻن سياسي پارٽين ۾ جهيڙو، ٻه ڄڻا مارجي ويا، ٽي زخمي

مظفرآباد: (آچر 25 جولاءِ 2021ع)   آزاد ڪشمير جي اليڪشن ۾ بدنظمي جا ڪيترائي واقعا پيش آيا آهن جنهن جي شڪايت اليڪشن ڪميشن وٽ جمع ڪرائي وئي آهي.

ڪوٽلي جي تڪ ايل اي 12 چڙهوئي ۾ پولنگ اسٽيشن تي فائرنگ سبب 2 ڄڻا مارجي ويا آهن. جڏهن ته 3 زخمي ٿي پيا آهن. مارجي ويل ٻنهي ڄڻن جو تعلق ڪوٽلي سان آهي. پوليس موجب جهيڙو ٻن سياسي پارٽين جي ڪارڪنن وچ ۾  ٿيو. پوليس صورتحال کي ڪنٽرول ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهي آهي. رپورٽون آهن ته ڪوٽلي ۾ پيپلز پارٽي جي اميدوار چوڌري ياسين جي گاڏي تي به حملو ٿيو آهي. پيپلز پارٽي الزام لڳايو آهي ته چوڌري ياسين جي گاڏي تي حملو تحريڪ انصاف جي ڪارڪنن ڪيو آهي. فائرنگ سبب گاڏي تباهه ٿي ويو پر چوڌري ياسين ذري گهٽ بچي ويو.

پ پ جو چوڻ آهي ته اليڪشن ڪميشن ۽ انتظاميه فوري طور تي ڪارروائي ڪري. چونڊ تڪ ايل اي 44 ۾ پولنگ اسٽيشن 20 حيدر امين شهيد ماڊل اسڪول ويجهو واقع پاڪستان پيپلز پاٽي جو پولنگ ڪيمپ پٽيو ويو. رپورٽون آهن ته پوليس جي مدد سان تحريڪ انصاف جي ڪارڪنن ڪيمپ پٽي ڇڏيو  جيڪو 400 ميٽر جي فاصلي تي هو. جڏهن ته تحريڪ انصاف جو 200 ميٽر جي فاصلي تي واقع ڪيمپ برقرار آهي.  رپورٽون اهي به اچي رهيون آهن ته تڪ ايل اي 44 ۾ مبينه طور پوليس هدايتون ڏئي رهي آهي  ته ڪنهن کي ووٽ ڏيڻو آهي ۽ ڪنهن کي ناهي ڏيڻو.

پاڪستان پيپلز پارٽي جي مرڪزي اليڪشن سيل جي سربراهه سينيٽر تاج حيدر آزاد ڪشمير جي سيڪريٽري، ۽ اليڪشن ڪميشن کي واقعن جي لکت ۾ شڪايت جمع ڪرائي ڇڏي آهي. تڪ 45 جي پشاور سٽي نمبر 2 اسڪول ۾ به پولنگ روڪي وئي آهي. رپورٽون آهن ته پولنگ ايجنٽن جي بدنظمي سبب روڪي وئي. پوليس جهيڙو ڪندڙ 6 ڄڻن کي گرفتار ڪري ورتو آهي. پوليس جو چوڻ آهي ته حالتون معمول تي اچڻ تائين ڪنهن کي به اندر وڃڻ جي اجازت نٿا ڏئي سگهون.

راولا ڪوٽ جي تڪ ايل اي 20 ريزبن ۾ ووٽر جي احتجاج سبب پولنگ اسٽيشن کي تالا لڳايا ويا آهن. رپورٽون آهن ته ووٽرز پولنگ عمل کي اسٽيشن جي اندر داخل ٿيڻ نه ڏنو. مظاهرين جو چوڻ آهي ته اسان جا 150 ووٽ ٻئي جڳهه منتقل ڪيا ويا آهن. احتجاج سبب پولنگ بوٿ بند آهي ۽ ووٽنگ اڃان تائين شروع نه ٿي سگهي آهي.