سنڌ جي وڏي وزير مراد علي شاهه بلدياتي چونڊون ڪرائڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو

news

ڪراچي: (آچر 25 جولاءِ 2021ع)   سنڌ جي وڏي وزير مراد علي شاهه سنڌ ۾ سياسي بنيادن تي بلدياتي چونڊون ڪرائڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي. سنڌ جي وڏي وزير مراد علي شاهه پنهنجي هڪ بيان ۾ چيو آهي ته عام چونڊن کان اڳ ئي سنڌ ۾ بلدياتي چونڊون ٿينديون ۽ اهي سياسي پارٽين جي بنيادن تي ٿينديون.

هن چيو ته اسان کي آدمشماري تي اعتراض آهن جنهن جا ثبوت سي سي آءِ ۾ پيش ڪيا آهن ۽ پارليامينيٽ جو گڏيل اجلاس طلب ڪري بحث ڪرائڻ جي لاءِ به خط لکيو آهي. مراد علي شاهه چيو ته مردم شماري ۾ سنڌ جي آبادي گهٽ ڏيکاري وئي آهي پر سنڌ ۾ بلدياتي چونڊون اهڙيون ڪرائينداسين جنهن تي ڪنهن کي به اعتراض نه هجي.

نوازشريف جي افغان صلاحڪار سان ملاقات تي ڳالهيون ڪندي وڏي وزير چيو ته نوازشريف جي ملاقات جو ميڊيا تي ٻڌو آهي جڏهن ته اسان جي پرڏيهي پاليسي ناڪام وڃي رهي آهي. سنڌ جي وڏي وزير چيو ته ايران، افغانستان ۽ چين سان اسان جا رابطا متاثر ٿي رهيا آهن پر چين سان سٺن رابطن جي ڪوشش ۾ آهيون. پاڪستان ڊيمو ڪريٽڪ موومينٽ(پي ڊي ايم) ۾ شامل پارتين کي گهرجي ته مخالف ڌر کي گڏ ڪري.