آزاد ڪشمير چونڊ دوران سياسي پارٽي جي ڪارڪنن پاران پوليس مٿان حملو، پنج اهلڪار زخمي

news

مظفرآباد: (آچر 25 جولاءِ 2021ع)آزاد ڪشمير جي چونڊن دوران سياسي پارٽي جي ڪارڪنن پوليس اهلڪارن کي به تشدد جو نشانو بنائي ڇڏيو.

ايل اي 32 ڊل چٽيان آزاد ڪشمير ۾ پولنگ اسٽيشن نمبر 54 ۾ سياسي پارٽي جي ڪارڪنن طرفان پوليس پارٽي تي حملو ڪيو ويو. ان حوالي سان ايس پي رياض مغل چيو آهي ته پوليس پارٽي تي حملي جو واقعو عورتن جي پولنگ اسٽيشن تي پيش آيو. سياسي پارٽي جي ڪارڪنن کي عورتن جي پولنگ اسٽيشن ڏانهن وڃڻ کان روڪيو ويو هو.

هن چيو ته سياسي پارٽين جي ڪارڪنن جي حملي ۾ 5 پوليس اهلڪار زخمي ٿيا. ڪارڪنن ڏنڊن سان پوليس  مٿان حملو ڪيو. واضح رهي ته آزاد ڪشمير جي 45 سيٽن جي لاءِ پولنگ جو عمل جاري آهي. 33 سيٽن تي آزاد ڪشمير جڏهن ته 12 سيٽن تي پاڪستان جي مختلف شهرن ۾ ووٽنگ ٿي رهي آهي.