آزاد ڪشمير چونڊون: مختلف هنڌن تي فائرنگ جا واقعا، ڇڪتاڻ، پولنگ عمل متاثر

news

مظفرآباد: (آچر 25 جولاءِ 2021ع) آزاد ڪشمير ۾ ٿيندڙ چونڊن صبح 8 وڳي کان شروع ٿيون آهن جيڪي شام جو 5 وڳي تائين جاري رهنديون. چونڊن دوران ڪيترائي واقعا پيش آيا آهن جنهن ۾ مختلف سياسي پارٽين جا اڳواڻ آمهون سامهون ٿيا آهن  جنهن سبب ڪيترن ئي هنڌن تي فائرنگ جا واقعا پيش آيا آهن، جڏهن ته ڏنڊن جو به آزادانه استعمال ڪيو ويو آهي.

ڪوٽلي جي تڪ ايل اي 12 چڙهوئي ۾ ٻن سياسي پارٽين جي ڪارڪنن ۾ جهيڙو ٿيو جنهن کان پوءِ فائرنگ سبب 2 ڄڻا مارجي ويا جڏهن ته 3 زخمي ٿي پيا. ايل اي 15 باغ آزاد ڪشمير جي علائقي ۾ ٻن سياسي پارٽين جي ڪارڪنن ۾ به جهيڙو ٿيو ۽ هوائي فائرنگ ڪئي وئي. پوليس موجب سياسي پارٽين جي ڪارڪنن طرفان هڪ ٻئي مٿان ڏنڊن ۽ پٿرن جو استعمال ڪيو ويو جنهن سبب ڪيترائي ماڻهو زخمي ٿي پيا. سياسي پارٽي جي ڪارڪنن ۾ جهيڙي سبب پولنگ جو عمل ٻيهر متاثر ٿيو. ڊپٽي ڪمشنر ۽ ريٽرننگ آفيسر صورتحال کي ڪنٽرول ڪرڻ جي لاءِ پاڪ فوج جي جوانن ۽ رينجرز اهلڪارن سان گڏ پهچي ويا آهن.

سمابئي آزاد ڪشمير ۾ پاڪستان تحريڪ انصاف جي اميدوار چوڌري علي شان جي قافلي مٿان  پٿراءُ ڪيو ويو. پوليس موجب پٿراءُ جو واقعو پولنگ اسٽيشن نمبر 73-74 جي هنڌ تي پيش آيو. مبينه طور تي مخالفن جي پٿراءُ سان 3 گاڏين جا شيشا ٽٽي پيا. پوليس موجب  سمابئي ۾ حالتون مڪمل طور تي ڪنٽرول ۾ آهن ۽ پولنگ جو عمل جاري آهي. ايل اي 32 ڊل چٽيان آزاد ڪشمير ۾ پولنگ اسٽيشن نمبر 54 ۾ سياسي پارٽين جي ڪارڪنن طرفان پوليس پارٽي مٿان حملو ڪيو ويو. ايس پي رياض مغل چيو آهي ته پوليس پارٽي تي حملي جو واقعو عورتن واري پولنگ اسٽيشن تي پيش آيو. سياسي پارٽين جي ڪارڪنن کي عورتن جي پولنگ اسٽيشن وڃڻ کان روڪيو ويو هو.

گوجرانوالا ۾ گورنمنٽ هاءِ اسڪول وزيرآباد پولنگ اسٽيشن ۾ به سياسي ڪارڪنن ۾ جهيڙو ٿيو جنهن ۾ 2 ڪارڪن زخمي ٿي پيا. جنهن کان پوءِ پولنگ روڪي وئي. جهيڙي جي اطلاع تي ٻنهي سياسي پارٽين جا وڌيڪ ڪارڪن پولنگ اسٽيشن پهچي ويا ڇڪتاڻ واري صورتحال سبب پوليس جي وڌيڪ نفري گهرائي وئي. ڊپٽي ڪمشنر گوجرانوالا گورنمنٽ هاءِ اسڪول نمبر 2 ۾ قائم پولنگ اسٽيشڻ پهتو ۽ هن(ن) ليگ ۽ مسلم ڪارنفرنس جي پولنگ ايجنٽن کي ٻاهر ڪڍي ڇڏيو جنهن تي ليگي ايجنٽن سخت احتجاج ڪيو.

(ن) ليگ جي پولنگ ايجنٽ ۽ ڊپٽي ڪمشنر ۾ ڇڪتاڻ سبب پولنگ روڪي وئي. واقعي کان پوءِ (ن) ليگ جي اميدوار چوڌري اسماعيل گجر به پولنگ اسٽيشن پهچي ويو. ان موقعي تي مسلم ليگ(ن) جي مرڪزي اڳواڻ خرم دستگير ليگي پولنگ ايجنٽ کي پولنگ اسٽيشن کان ڪڍڻ جي مذمت ڪندي چيو ته اسان جا پولنگ ايجنٽ پرامن رهندا پر بيلٽ باڪسز وٽ ئي رهندا.