news
مظفرآباد

آزاد ڪشمير چونڊون: پولنگ جو وقت ختم، ووٽن جي ڳڻپ جاري

مظفرآباد: (آچر 25 جولاءِ 2021ع) آزاد ڪشمير چونڊن ۾ پولنگ جو وقت ختم ٿي ويو آهي. جڏهن ته ووٽن جي ڳڻپ جو عمل جاري آهي. پاڪستان تحريڪ انصاف، مسلم ليگ(ن)، پاڪستان پيپلز پارٽي ۽ مسلم ڪانفرنس ۾ سخت مقابلي جو امڪان آهي.

آزاد جمون ڪشمير جي قانون ساز اسيمبلي ۾ سيٽن جو ٽوٽل انگ 53 آهي، عورتن لاءِ 5 ۽ علماءِ مشائخ جي هڪ مخصوص سيٽ آهي. ٽيڪنو ڪريٽ ۽ پرڏيهي پاڪستانين جي به هڪ هڪ سيٽ آهي. پولنگ صبح جو 8 وڳي شروع ٿي جيڪا بنا ڪنهن وقفي جي شام 5 وڳي تائين جاري رهي.

پولنگ جو وقت ختم ٿيڻ تي پولنگ اسٽيشن جي حدن ۾ موجود ماڻهو ووٽن جي ڳڻپ ڪري رهيا آهن. پولنگ جو وقت ختم ٿيڻ کان پوءِ ووٽن جي ڳڻپ جو سلسلو جاري آهي ۽ ڪيترين ئي پولنگ اسٽيشنن تان نتيجا ملڻ شروع ٿي ويا آهن.