آزاد ڪشمير جي عام چونڊن ۾ تحريڪ انصاف اڪثريت سان ڪاميابي حاصل ڪري ورتي

news

مظفرآباد: (سومر 26 جولاءِ 2021ع)   گلگت بلتستان کان پوءِ آزاد ڪشمير جي چونڊن ۾  به پاڪستان تحريڪ انصاف ڪاميابي حاصل ڪري ورتي آهي ۽ هو هاڻ ڪنهن اتحاد کان سواءِ ئي حڪومت ٺاهڻ جي پوزيشن ۾ آهي.

آزاد ڪشمير قانون ساز اسيمبلي جي 45 مان 44 سيٽن جا غير حتمي ۽ غير سرڪاري نتيجا اچي ويا آهن. پاڪستان تحريڪ انصاف 25 سيٽون حاصل ڪري اڪثريت ماڻي ورتي آهي. جڏهن ته پاڪستان پيپلز پارٽي 11 ۽ مسلم ليگ(ن) 6 سيٽون حاصل ڪيون آهن. ان کان علاوه جمون ڪشمير پيپلز پارٽي ۽ مسلم ڪانفرنس به هڪ هڪ سيٽ تي ڪاميابي حاصل ڪئي آهي.

  ايل اي سورنهن ۾ پاڪستان تحريڪ انصاف جي اميدوار سردار مير اڪبر کي برتري حاصل آهي اليڪشن ڪميشن ايل اي 6 باغ جي چئن پولنگ اسٽيشنن تي تڪرار سبب نتيجا روڪي ڇڏيا آهن ان چئن پولنگ اسٽيشنن تي ٻيهر پولنگ جو فيصلو اڄ ٿيندو. ان تڪ جي 163 پولنگ اسٽيشنن جي غير حتمي ۽ غير سرڪاري نتيجن ۾ تحريڪ انصاف جي سردار مير اڪبر کي پيپلز پارٽي جي سردار قمرالزمان تي 196 ووٽن جي برتري حاصل آهي.

اليڪشن ڪميشن جي ذريعن موجب گذريل ڏينهن ٿيندڙ اليڪشن ۾ پولنگ جو ٽرن آئوٽ 58 سيڪڙو رهيو. جڏهن ته 2016 جي عام چونڊن ۾ اها شرح 65 سيڪڙو هئي.