پاڪستان افغان فوج جي پنج آفيسرن سميت ڇائيتاليهه فوجين کي پناهه ڏئي ڇڏي

news

راولپنڊي: (سومر 26 جولاءِ 2021ع) پاڪستان افغان نيشنل آرمي جي پنج آفيسرن سميت 46 فوجين کي پناهه ڏئي ڇڏي. 

آءِ ايس پي آر موجب چترال، اروندو سيڪٽر وٽ مقرر افغان آرمي جي ڪمانڊر پناهه وٺڻ لاءِ پاڪ فوج سان رابطو ڪيو. هي افغان سپاهي پاڪ افغان عالمي سرحد تي واقع پنهنجي چوڪي تي وڌيڪ قبضو جاري رکڻ جي قابل نه رهيا هئا. ان ڪري ان 5 آفيسرن سميت 46 افغان فوجين کي پاڪستان ۾ پناهه ۽ محفوظ رستو ڏنو ويو جنهن کان پوءَ 46 فوجي چترال ارندو سيڪٽر پهتا.

آءِ ايس پي آر موجب پاڪستان پهچندڙ افغان فوجين کي خوراڪ، شيلٽر ۽ طبي امداد ڏني وئي آهي. پاڪ آرمي ڄاڻ ۽ ضروري ڪارروائي لاءِ افغان آرمي سان رابطو ڪيو آهي. افغان فوجين کي قانوني عمل مان گذاري افغان اختيارين جي حوالي ڪيو ويندو.

واضح رهي ته پهرين جولاءِ تي به 35 افغان فوجين پاڪستان کان پناهه گهري هئي ۽ انهن کي به پناهه ۽ محفوظ رستو ڏئي افغان اختيارين جي حوالي ڪيو ويو هو.