آزاد ڪشمير چونڊون: چئن پولنگ اسٽيشنز تي ٻيهر پولنگ جو شيڊول جاري

news

مظفرآباد: (اڱارو 27 جولاءِ 2021ع) اليڪشن ڪميشن 4 پولنگ اسٽيشنز تي ٻيهر پولنگ جو شيڊول جاري ڪري ڇڏيو آهي. آزاد ڪشمير اليڪشن ڪميشن تڪ ايل 16 شرقي باغ جي 4 پولنگ اسٽيشنز تي ٻيهر پولنگ جو شيڊول جاري ڪري ڇڏيو آهي.

پولنگ اسٽيشن نمبر 42، 134، 135 ۽ 136 ۾ ٻيهر پولنگ 29 جولاءِ تي ٿيندي جيڪا صبح جو 8 وڳي کان شروع ٿيندي ۽ شام جو 5 وڳي تائين جاري رهندي.

اليڪشن ڪميشن موجب هڪ پولنگ اسٽيشن تي پولنگ ايجنٽس چونڊ عمل جو بائيڪاٽ ڪيو. جڏهن ته 3 پولنگ اسٽيشنز تي پولنگ بيگز ۽ ٻيو سامان ڦري ساڙي ويو هو.