news
نٸون ديرو

نئون ديرو لڳ قتل ڪيل پيرسن عورت جا قاتل پوليس گرفتار نه ڪري سگهي، وارثن پاران احتجاج

نئون ديرو (رپورٽ: رحمت الله موريو) نئون ديرو لڳ ڳوٺ فيض محمد جيهو ۾ جيها برادريءَ جي ٻن ڌرين ۾ مڇيءَ جي سرڪاري تلاءَ مان مڇي مارڻ جي ڳالهه تان شروع ٿيل تڪرار ۾ 8 ڏينهن اڳ جهيڙي ۾ گولي لڳڻ ڪري قتل ٿي ويل پيرسن عورت شاهنواز خاتون جي قتل ڪيس داخل ٿيڻ بعد پوليس پاران جوابدار گرفتار نه ڪرڻ واري عمل خلاف مقتولا پيرسن عورت جي وارث عورتن ۽ مردن شهيد راڻي بينظير پريس ڪلب پهچي احتجاج ڪيو آهي.

جڏهن ته زارو قطار روئيندي دانهون ڪندي مقتولا عورت جي نياڻين مائي روشن خاتون، عطاءِ خاتون، پٽ قربان سميت وارث عورتن زرينا، شمائلا ۽ ٻين جو چوڻ هو ته اسان جي پيرسن امڙ شاهنواز خاتون کي ظالم جوابدارن مولا بخش، شفيق، گلشن، عبدالله عرف شهزادو، زاهد سميت 7 ڄڻن حملو ڪري بيگناهه قتل ڪيو. واقعي کي 8 ڏينهن گذرڻ باوجود پوليس ڪيس ۾ نامزد فقط ٻن جوابدارن شفيق ۽ گلشن کي گرفتار ڪيو آهي ۽ باقي جوابدار آزاد گهمندا پيا وتن جيڪي روزانو اسان جي مٿان هٿيارن سان حملا ڪري قتل ڪرڻ جون ڌمڪيون ڏيڻ سان گڏ اسان جا گهر به ڊاهي پٽ ڪري ڇڏيا آهن، جنهن ڪري اسان کليل آسمان هيٺ بي يارو مددگار ويٺل آهيون ۽ باهه وسائيندڙ گرميءَ کان بچڻ لاءِ ڪچا منهه ٺاهي ويٺل آهيون.

هنن الزام هڻندي چيو ته جوابدار مولا بخش جيهو پوليس ۾ اي ايس آءِ آهي، جيڪو پوليس سان ملي مقتول امڙ جو ڪيس لاءِ مٽي ڪري خون لوڙهڻ جون سازشون ڪري رهيو آهي، پوليس به پنهنجي پٽي ڀائيءَ جو ساٿ ڏيندي، جوابدار ڌر جي ساٿاري بڻجي بيٺل آهي ۽ ايئن لڳي ٿو ته جوابدار پوليس کان به ڏاڍا آهن، جيڪي سرعام نئون ديرو شهر توڙي ڳوٺ ۾ گهمي رهيا آهن پر پوليس کين گرفتار ڪرڻ لاءِ تيار ناهي ۽ جوابدار اسان کي ڪيس تان هٿ کڻڻ لاءِ ڌمڪائي رهيا آهن، جن مان اسان کي وڌيڪ نقصان جو خدشو آهي، جيڪي اسان کي نقصان پهچائڻ لاءِ مختلف قسمن جون سازشون ڪري رهيا آهن.

هنن چيو ته ڊاڪٽر به 8 ڏينهن گذرڻ باوجود مقتولا پيرسن امڙ جي پوسٽ مارٽم جي رپورٽ جاري نٿو ڪري.

هنن وزير اعظم عمران خان، وڏي وزير سيد مراد علي شاهه، آءِ جي سنڌ، ڊي آءِ جي لاڙڪاڻو ۽ ايس ايس پي لاڙڪاڻو کان مطالبو ڪيو ته مقتولا پيرسن امڙ جي قتل ڪيس ۾ نامزد رهيل 5 جوابدارن کي گرفتار ڪري، جوابدارن کان اسان کي تحفظ فراهم ڪري انصاف ڪيو وڃي، ٻي صورت ۾ اسان احتجاجن ايس ايس پي آفيس جو گهيراءُ ڪري ويهي رهنداسين.