news
ڪراچي

ڪراچي ۾ ڪورونا ڪيسز تيزي سان وڌڻ لڳا، ڪياماڙي ۾ نو آگسٽ تائين سمارٽ لاڪ ڊائون لاڳو

ڪراچي: (اربع 28 جولاءِ 2021ع) ڪراچي ۾ ڪورونا ڪيسز تيزي سان وڌڻ سبب ڪراچي جي ضلعي ڪياماڙي جي يوسي 4 ۽ 5 ۾ 9 آگسٽ تائين مائيڪرو سمارٽ لاڪ ڊائون لاڳو ڪيو ويو آهي.

ذريعن موجب ڪورونا ڪيسز ۾ واڌ کي نظر ۾ رکندي ڪياماڙي جي يوسي 4 ۽ 5 ۾ اڄ کان 9 آگسٽ تائين مائيڪرو سمارٽ لاڪ ڊائون لاڳوڪيو ويو آهي. ٻئي طرف ضلعي انتظاميه طرفان مختلف علائقن ۾ ڪارروايون ڪيون ويون آهن.

ڪارروائين جي دوران ڪورونا ايس او پيز جي ڀڃڪڙي تي ڪيتريون ئي گاڏيون بند ڪيون ويون آهن. ڪارگو آفيسن سميت 11 دڪانون سيل ڪري 8 هزار روپيه ڏنڊ لاڳو ڪيو ويو آهي.

هوڏانهن سنڌ حڪومت طرفان به سبزي منڊي ۾ ڪورونا ويڪسين سرٽيفڪيٽ کان سواءِ داخلا تي پابندي وارو حڪم هوا ۾ اڏائي ڇڏيو آهي. سبزي منڊي ۾ واپاري ۽ خريدار ماسڪ کان سواءِ گهمندا رهيا. جڏهن ته مرڪزي دورازي تي ڪورونا ويڪسين جو سرٽيفڪيٽ چيڪ ڪندڙ ڪوبه موجود نه هو.