news
شهدادپور

شھدادپور لڳ ڳوٺاڻي کان ڦر، مزاحمت تي سخت زخمي

شھدادپور (رپورٽ: سيفل عباس ساند) شھدادپور ۾ ڏوھاري ٻرن مان ٻاھر نڪري آيا ٻرھون روڊ تي بچل باگراڻي وٽان ٽي ھٿياربند ڳوٺ شجاع جکروجي ڳوٺاڻي زميندار دلاور جکرو کان موٽرسئيڪل روڪ رقم ۽ موبائيل فون ڦر ڪئي، ڦورن سان مزاحمت ڪرڻ تي ھٿياربند کيس ڏنڊن ۽ ھٿيارن جي بٽن سان رتورت ڪري فرار ٿي ويا.

جڏهن ته زخمي ڳوٺاڻي کي سمس اسپتال آندو ويو آھي، اطلاع تي پوليس واقعي واري ھنڌ روانا ٿي ويا آھن.